لاڙڪاڻي ۾ يوٽيلٽي اسٽور عملي خلاف خريدارن جو احتجاجي مظاهرو

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ يوٽيلٽي اسٽور جي انتظاميه طرفان غريب طبقي کي نظرانداز ڪري واپارين سان ملي ڀڳت عيوض دڪاندارن ۽ من پسند ماڻهن کي سستي اگهه تي شيون وڪرو ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي جنهن ڪري ڏوراهن علائقن مان سستي اگهه تي شيون خريد ڪرڻ لاءِ ايندڙ غريبن کي ڪيترائي ڪلاڪ يوٽيلٽي اسٽورن ٻاهريان انتظار ڪرائي مختلف بهانا ڪري کين هٿين خالي موٽايو پيو وڃي. ان حوالي سان يوٽيلٽي اسٽور تي خريداري لاءِ آيل ڳوٺ محراب سنديلو واسي پورهيت علي شير ڀٽي، غيبي ديرو واسي پورهيت نظام دين ميرجت، معظم ڪالوني واسڻ حاڪم زادي گهانگهرو، لهر ڪالوني واسڻ رابيه خاتون اوڏ ۽ ٻين شهر جي اولڊ بس اسٽينڊ ٽي قائم يوٽيلٽي اسٽور جي انتظاميه خلاف احتجاج ڪندي دانهيو ته اسين صبح کان وٺي يوٽيلٽي اسٽور جا چڪر ڪاٽي رهيا آهيون جتي گيهه، کنڊ ۽ ٻين شين جي کوٽ ڄاڻائي اسان کي ڪلاڪن جا ڪلاڪ انتظار ڪرائي موٽايو پيو وڃي. هنن الزام لڳايو ته حڪومت يوٽيلٽي اسٽور غريبن کي فائدو پهچائڻ لاءِ کوليا آهن پر يوٽيلٽي اسٽور وارا واپارين سان ملي ڀڳت ڪري اهي شيون واپارين ۽ من پسند ماڻهن کي وڪرو ڪري رهيا آهن جن کي غريبن مٿان ڪو به رحم نه پيو اچي. هنن مطالبو ڪيو ته يوٽيلٽي اسٽور جي انتظاميه خلاف ڪارروائي ڪري غريب طبقي کي سستي اگهه تي عام واهپي جي شين جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں