نوابشاهه(ڊ ر) وزير تعليم پاران بار بار سنڌ اندر تعليمي تبديلي ۽ انقلاب آڻڻ جون دعوائون ته ڪيون وڃن ٿيون پر زميني حقيقت انهي جي ابتڙ انتهائي تشويشناڪ آهي اڄ صبح جو نوابشاهه سانگهڙ روڊ تي قائم قديمي ڳوٺ چيزل آباد ۾ قائم ٿيل گورنمنٽ بوائز هاءِ اسڪول جي ڏهين درجي جا شاگرد معمول موجب انگريزي جي پيرڊ ۾ مطالعي ۾ مصروف هئا ته اوچتو ڌماڪي سان ڪلاس روم جي ڇِت جا چاپڙ ڪِري پيا چاپڙ ڪِرڻ سبب شاگردن ۾ خوف ۽ ڏهڪاءَ وچان ڀاڄ پئجي وئي ڪيترن ئي شاگردن جا ڪتاب ۽ ٿيلها ڇِت مان ڪِريل چاپڙن هيٺان اچي ويا پر شاگردن جون حياتيون معجزاڻي طور بچي ويون ڇاڪاڻ ته شاگرد سمجهندار ۽ وڏي ڪلاس ۾ پڙهندڙ هئا اهڙي تشويشناڪ صورتحال جي حوالي سان اسڪول جي هيڊ ماستر حاڪم علي رند جو چوڻ آهي ته هي اسڪول بنيادي طور تي مِڊل جي سطح جو آهي پر بدقسمتي سان ڳوٺ ۽ پسگردائي ۾ پري پري تائين ڪو به هاءِ اسڪول نه هئڻ سبب علائقي جي سوين شاگردن جو تعليمي مستقبل تباهه ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ هن اسڪول کي هاءِ اسڪول جو درجو ڏنو ويو آهي پر اسڪول جي عمارت زبون هئڻ سان گڏو گڏ شاگردن جي تعداد جي تناسب سان ڪمرا محدود ۽ گهٽ آهن هن چيو ته اسان ڪيئي ڀيرا ايجوڪيشن ورڪرس اينڊ سروسز جي اختيارين کي لکت ۾ ۽ روبرو صورتحال کان آگاهه ڪيو آهي پر اڃان تائين عمارت جي مرمت ڪلاس روم جو تعداد وڌائڻ لاءِ ڪي به اپاءُ نه ورتا ويا آهن جيڪڏهن فوري طور عمارت جي مرمت نه ڪرائي وئي ته ڪو وڏو سانحو پيش اچي سگهي ٿو.
