وڏو ٻرندڙ سوال ۽ سياسي هلچل

رياض ابڙو
نئين آرمي چيف واري سوال ته عمران خان جي ٻاڪار کي به جهڪو ڪري ڇڏيو آ ۽ ويچاري کان هاڻي ته آمريڪي ڪنسپائريسي به وسري وئي آ، ان ڳالھ تان هٿ کڻي ويو ته رجيم به ڪا چينج ٿي هئي يا اها به جمهوريت جي سونهن هئي يا هاڻي عمران خان ته هي ان ڳالھ تي به راضي آهي ته جيڪو وڻيوَ تيڪو ڪيو ۽ جنهن کي آرمي چيف آڻيو توهان جي مرضي ڇو ته هاڻي هي ڪنهن کي به ان ڳالھ جي لاءِ زور نه ڀريندو ته ڪير آرمي چيف ٿئي يا ڪير نه ٿئي، ان ڪري ته آرمي ايڪٽ ۾ ڦير گهير واري بحث ته ڪيترين جا ڪنڌ ئي ڦيري ڇڏيا آهن يا اهي هاڻي ڳٽن کي هٿ هڻي سوچن ٿا ته توهان جي مرضي جيئن وڻيوَ تيئن ڪيو، ان ڪري لنڊن جي ڊرائنگ روم وارا بحث به حرف آخر نه ٿي سگهيا يا ڪو کڙ تيل نه ڪڍي سگهيا، ان ڪري جو آرمي ايڪٽ ۾ تبديلي متان اشد ضروري ٿي پئي، ان ڪري هاڻي عمران خان جي فرمائش ۾ وري اهو نقطو به شامل آهي ته جيئن چيف جسٽس پنهنجي صوابديد تحت پاڻ فيصلو ڪري پاڻ پنهنجو چيف جسٽس چونڊي سگهن ٿا ۽ بعد ۾ اها سمري وري وزيراعظم ۽ صدر ڏي (فار يوئر انفارميشن) ڪري موڪلي سگهن ٿا ته تيئن ئي آرمي چيف به ائين ئي ڪن، ان ڪري انهن جي اهڙين ڳالهين ۾ ملڪي سياست ڪنهن به طرح نبرآزمود نه ٿئي ۽ اها صوابديد به آرميءَ چيف جي پنهنجي هجي ته اهي پنهنجا چيف پاڻ چونڊن يا انهن جي پنهنجي قائما ڪميٽي به هجي.
پر هتي ان سڄي تناظر ۾ ڳالھ ته فوج جي اسٽبلشمينٽ جي آ، ڳالھ ته ان لڪيل اسٽبلشمينٽ وارن هٿن جي آ، پوءِ ان اهڙي صوابديد يا ڳالھ مان ڪهڙو فائدو يا ڪهڙو نقصان جو سياست ئي آجي ٿي وڃي يا فوجي اسٽبلشمينٽ رڳو پنهنجي ايڪسٽينشن ۽ ريٽيشن يا استعفي واري فلسفي يا سائنس مان اڙجي وڃن يا پوءِ سياست ۾ ممڪنا مداخلت جا سوال اٿندا يا پوءِ اهي سٽَ ڪيئن سلجهندا يا الجهندا، ڇو ته ڳالھ رڳو فوج جي اسٽبلشمينٽ جي مداخلت جي آ، جيڪا ڳالھ هيئن به آهي ته جي چيف جسٽس کي ڪنهن به طرح ايڪسٽينشن جو ٽينشن ناهي ته ائين ئي آرمي چيف يا آرمي مين کي به ڪنهن ايڪسٽينشن جو ٽينشن نه هجڻ گهرجي ان ڪري هردفعي ايڪسٽيشن جي لاءِ يا رٽاير ٿيڻ کانپوءِ به هو پاڻ کي رٽاير نه ٿا سمجهن يا ٻاهرين قوتن سان ڳالهين ڪرڻ ۾ اڳ کان اڳرا هجن ٿا (ملڪي محافظ وارو بحث ۽ حقيقت هڪ ٻي فلاسافي آ) ان ڪري اها ڳالھ وري سياسي ۽ فوجي اسٽبلشمينٽ وٽ پولارائيزيشن جو سبب بڻبي ته اهي پاڻ هڪٻئي کي ان طريقي ايڪسٽينشن ڏيندا رهن يا نه ڏين يا رياست اندر هڪ ٻي رياست جوڙن، پر ان ڳالھ جي برعڪس ان ڳالھ هيئن به ٿي سگهي ٿي ته چيف جيسٽس به وزيراعظم جي صوابديد ۾ هجن ۽ انهن جي چونڊ ۾ وزيراعظم مداخلت ڪري (مشرف جي دور ۾ ٿي هئي جنهن جا نتيجا وڏا اگرا هيا جنهن ۾ 12 مئي 2007 وارو واقعو به سرزد ٿيو هيو) ان ڪري جيڪڏهن ملڪ جي آفيشل چيف ايگزيٽڪٽو وزيراعظم ئي آهي ته پوءِ اهو ان ڳالھ جو باعث به هجي ته سڀ ڳالهيون ان جي صوابديد ۾ هجن ۽ اهو هر ڳالھ جو مالڪ ڪُل هجي پوءِ اهي چيف جسٽس هجن يا آرمي چيف يا آرمي مين هجن، ڇو ته هاڻوڪي سياسي اڻبڻت ۾ ملڪ ۾ رڳو هڻ کڻ لڳي پئي ان ڪري شيون ڊي سينٽرلائيزيشن واريون نه هجن شيون سينٽرلائيزڊ هجن ان ڪري مرڪزيت رڳو اها به ناهي ته صوبن جا حق کائو، ننڍن صوبن سان ناانصافيون ڪيو، اين ايف سي ايوارڊ ڦٻايو، ننڍن صوبن جون بجيٽون هڙپيو، سنڌوءَ جي پاڻي تي راتاها هڻو ۽ پنجاب نوازيو مهم بازي هلايو يا پنجاب سينٽرڪ شيون ڪيو، ان ڪري جو مرڪز جيئن چاهي تيئن ڪري سگهي ٿو ته پوءِ هتي به مرڪز پنهنجي طاقت ڏيکاري (حلانڪي اها ڳالھ سڄي دنيا آهي ته ملڪ جو ايوان، آرمي ۽ ڪورٽون ملڪ جي وزيراعظم جي هٿ هيٺ آهن).
يا عمران خان جي دور ۾ 33بل راتو واھ پاس ڪرائڻ به فوجي اسٽبلشمينٽ جي هشي هئي نه ته ٻي صورت اها ڳالھ ممڪن ئي نه هئي ۽ ان ڳالھ تي پي ڊي ايم وارن وڏو روڄ راڙو ڪيو هيو ته اها ڳالھ ائين ڇو ٿي يا پي ڊي ايم سان مشاورت ڇو نه ڪئي وئي، ان ڪري ته مخالفن کي سدائين عين جو اکيون هونديون آهن (جيئن هاڻي عمران خان کي آهن) ته انهن کي لڳندو آ ته ملڪ ۾ انڌير نگري ۽ چرٻٽ راجا واري ڳالھ لڳي پئي آ، ان ڪري وارو ڪيو رڳو هن حڪومت کي ڪيرايو ته ٻيو پهر پوءِ ٿئي ۽ هاڻي هنن کي (شهبازسرڪار) کي اها ڳالھ نظر نه اچي يا پي ٽي آءِ به مفاهمتن ۾ چپ لڳي پئي آ، پر هاڻوڪي تناظر ۽ پيش منظرن ۾ قياس آرايون وڌي ويون آهن ۽ ايوانن کان گھڻي سياست ته ڊرائنگ رومن ۾ ڪئي ٿي وڃي يا سوشل ميڊيا تي ڌم لڳي پئي آ، ولاگن ۽ بلاگن تي ڌوڙيا لڳيا پيا آهن ٽيلي ميڊيا ۽ ريڊيو پروگرام به اڳڪٿين ۾ لڳي ويا آهن ۽ اخبارن جي سرخين جي زينت به اها آهي ته هاڻي آرمي هي چيف ٿيندو يا هو؟ حلانڪي آڊيو ليڪ کانپوءِ وري اندروني خبرن جي هائيپ ٿيڻ واري ڳالھ به سامهون ٿي اچي ته اندر جون خبرون ٻاهر گردش ڪنديون ٿيون وتن يا مريم نواز جو اهو چوڻ به معني خيز هيو ته وزيراعظم هائوس اندر ٿيل بي عزتي جو بدلو وٺنداسين، يا بلاول ڀٽو واري ڳالھ ته صدر مداخلت نه ڪري، ان ڪري ته شيون هاڻي راز ناهن رهيون وڊيو ليڪس کان آڊيو ليڪس ۽ هاڻي اندر جون خبرون به ليڪ ٿي ٿيون وڃن، ان ڪري ته آرمي اسٽبلشمنيٽ ان ڳالھ تي بضد آهي ته انهن جي آرمي ايڪٽ ”پي اي اي“ 1952 ۾ ترميم ڪئي وڃي جنهن ۾ لفظ ريٽينشن، ايڪسٽينشن ۽ استعفيٰ وري ڊاهي ٻيهر لکيا وڃن، جنهن مان مراد اها به آهي ته هاڻي آرمي مين جي پنهنجي صوابديد هوندي ته اهي پاڻ جڏهن عهدو ڇڏي وڃڻ چاهن يا والينٽيئرلي ان عهدي تان لهي وڃن ته ڀلي وڃن ۽ ان ۾ سولين مداخلت ڪنهن به صورت نه هوندي يا ان ڳالھ سان فوجي اسٽبلشمينٽ جو ڪو سروڪار ناهي ته وزيراعظم اچي يا وڃي يا صدر لهي يا لاٿو وڃي، ڇو ته جنرل شجاع پاشا کي يا اهڙين ٻين کي به عهدي جي توسيع ڏني وئي هئي، يا هڪ ٻي ڳالھ به آهي ته نومبر 2019 ۾ سپريم ڪورٽ هڪ اهڙو ئي فيصلو صادر ڪيو هيو ته جيڪو به شخص (پوءِ سولين هجي يا آرمي مين) جيڪڏهن اهو پنهنجي مدي جا 60 سال پورا ڪندو ته پوءِ اهو ٻيهر پنهنجي عهدي تي واپس بحال نه ٿيندو ان ڪري ته ٻيهر ڊيوٽي ڪرڻ مان مراد اها به آهي ته ٻين جي حق تلفي ڪرڻ يا جيڪي ملازم سالن کان ويٺي لائين ۾انتظار ٿا ڪن ته پوءِ انهن جو ڇا ٿيندو يا جي اها ڳالھ آ ته جيڪي به سولين آهن يا جيڪي 59 سال ۽ 364 ڏينهن فٽ هوندا آهن پر جڏهن 60 سال پورا ڪرڻ ۾ هڪ ڏينهن به باقي هوندو اٿن ته اهي ناڪارا ۽ نااهل ٿي ويندا آهن، يا هاڻي جيڪڏهن اها صوابديد هر ادارو پاڻ وٽ پنهنجي طريقي سان رکڻ چاهي ته پوءِ مرڪزيت يا سينٽرلائيزيشن مان مراد ڇاهي يا مرڪزيت وڃي ڌوڙ پائي يا قانون سڀني جي لاءِ ٻيو ٻيو آ.
شهبازسرڪار ۽ لنڊن سرڪار (نوازشريف) ان ڳالھ تي راضي آهن يا سڄي نون ليگ قيادت هڪ پيج تي آهي ته جنرل عاصم منير کي ايڪسٽينشن ڏئي ان جي نوڪري ۾ واڌارو ڪري ان کي نئون چيف مقرر ڪجي پر ساڳي ڳالھ يا فرمائش ته جنرل باجوا به ڪري ٿو ته جيستائين هي سرڪار آهي تيستائين هن کي ايڪسٽينشن ڏئي هن جي مدي ۾ واڌ ڪري هن کي هلايو ته اها ڳالھ شهبازسرڪار جي نڙي جو ڪنڊو ٿي بيٺي آ يا ان ڳالھ ته به فوجي اسٽبلشمينٽ به پولرائيز ٿي وئي آ ته هاڻي جنرل عاصم منير اچي يا جاويد باجوا کي ساڳي عهدي تي وري ايستائين برداشت ڪجي تيستائين هي سرڪار آهي هاڻي اها ڳالھ هن شهبازسرڪار کي ڳوري ٿي لڳي يا عمران خان به ”دشمن جي دانگي ڀڄي ته به ڀلو“ واري فارمولي تي نبرآزمود آهي ته هي پاڻ ۾ ڀلي ان ساڳي تي اٽڪي بيهن ۽ پِيرُ هن جي پڄائي“ جو هي هاڻي باجوا کي ڪنٽينيو ڪندا يا جنرل عاصم کيا ايسڪٽينشن ڏيندا، ان ڪري هاڻي ويچارو عمران خان ته ان ڳالھ تان هٿ کڻي ويو آ ته هن کي گولي لڳي يا شرڪ ۾ ڪري پيو يا هن جي رجيم چينج ٿي يا اهو به جمهوري عمل هيو جنهن ۾ هن جا وزير پاڻ بنفسِ نفيس شامل ٿيا يا اتحادي به ان ڳالھ ۾ راضي هيا ته هن الهڙ عمران خان کي هٽايو جنهن کي نه سياست سمجھ ۾ آئي نه رياست، ان ڪري هن کي گهر چلتو ڪيو ۽ هن مان جان ڇڏايو پر هاڻي ڌٻڻ ۾ ته شهبازسرڪار ڦاٿي ا ان ڪري جو جڏهن ڏيڻو ئي ايڪسٽينشن آ ته پوءِ ڪنهن ٻئي کي ڇو باجوا کي ڇو نه؟ يا آرمي ايڪٽ ۾ ئي ترميم ڪيو يا جي نه ٿا ڪري سگهو ته چيف جسٽس کان به صوابديد کسيو، هاڻي تماشو ڏسون ڪٿي ٿو دنگ ڪري يا اٺُ ڪهڙي ڪروٽ ٿو ويهي ان ڪري سياست جو ڀونچال وڃي ٿو وڌندو ۽ ڪا ٺاپر نه ٿي ٿئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں