انيل حب علي
ڪجھ ڏينھن اڳ حيدرآباد ۾ مختلف قوپرستن ۽ ترقي پسندن تنظيمن جي گڏجاڻي تي جنھن ۾ سمورن تنظيمن جي اتحاد سان ٻوڏ متاثرين بحالي ڪاميٽي جو قيام آندو ويو جنھن جو ڪنوينر سنڌ صوفي فورم جي ڪنوينر سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر بدر چنا کي مقرر ڪيو ويو ھو جڏھن ت فوڪل پرسن جسقم جي اڳوڻي قائم مقام چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي کي مقرر ڪيو ويو گڏجاڻي ۾ سمورن اڳواڻن جي گڏيل راء سان 21 نومبر تي صبح 10 وڳي حيدرآباد نسيم نگر کان ڀٽ شاھ تائين مارچ جو فيصلو ڪيو ويو جيڪو ھڪ ڏينھن تي مشتمل ھو. ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ نسيم نگر قاسم آباد کان شروع ٿيندڙ پيادل مارچ علمدار چوڪ سٽيزن ڪالوني کان ٿيندو راجپوتانا ھاسپيٽل پھتو جنھن جي اڳواڻي سنڌ صوفي فورم جو ڪنوينر ڊاڪٽر بدر چنا جسقم جو اڳوڻو قائم مقام چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جو سينيئر نائب صدر روشن علي ٻرڙو سنڌ ترقي پسند پارٽي جو وائيس چيئرمين حيدر شاھاڻي رواداري تحريڪ سنڌ جو صدر ڪامريڊ پنھل ساريو ڪري رھيا ھئا. ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ نڪرندڙ ھن مارچ ۾ سنڌ ھنڌو ڪائونسل جي چيئرمين سورج ڪوھستاني قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ گلزار جماڻي فنڪشنل ليگ جي اڳواڻ رفيق مگسي سنڌي عورت تنظيم جي جاکوڙي اڳواڻ آپا نظير قريشي عوامي جمھوري پارٽي جي اڳواڻ زاھدا ڏاھري قمر زمان راجپر قومپرست اڳواڻ غفار ملڪ لياقت ملاح ۽ ٻين وڏي انگ ۾ سياسي سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي. راجپوتانا ھاسپيٽل کان مارچ مٽياري باءِ پاس تي پھتو ته اتي اڳ ئي سنڌ جي سڄڻن پاران منجھند جي مانيءَ جو بندوبست ڪيو ويو ھو جتي ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاء مارچ جي پانڌيئڙن جو شاندار استقبال ڪري کين مانجھاندو ڪرايو ويو جنھن بعد مارچ مٽياري باءِ پاس کان مٽياري شھر جو پيادل سفر ڪندو رھو جتي قومي ڪارڪنن پاران سنڌ حڪومت خلاف اڀ ڏاريندڙ سخت نعريبازي ڪئي مٽياري ۾ جسقم اڳواڻ رشيد ڏيٿو جي اڳواڻي ۾ مارچ جي شاندار آجيان ڪري اڳواڻن کي اجرڪ اوڍايا ويا جڏھن ته پانڌيئڙن تي گلاب جي گلن جي ورکا ڪئي وئي تنھن بعد مارچ پنھنجي منزل ڀٽ شاھ طرفان روان دوان ٿيو مارچ جيئن ڀٽ شاھ باء پاس تي پھتو ته جسقم اڳواڻ عابد ديشي ۽ وڏي انگ ۾ جسقم ڪارڪنن پاران استقبال ڪري گلن جي ورکا ڪئي وئي ۽ اڳواڻن کي گلن جا ھار پارايا ويا ڀٽ شاھ باءِ پاس کان نعرن جي گونج ۾ مارچ جيئن لطيف جي درگاھ وٽ پھتو ته مارچ ھڪ ڌرڻي جي شڪل اختيار ڪري ويو جتي فيض ٽي وي مٽياري جي ڊسٽرڪٽ رپورٽر علي رضا مير جت ۽ فيض ٽي وي ڀٽ شاھ جي تعلقي رپورٽر اشفاق بليدي پاران مارچ جو شاندار استقبال ڪري اڳواڻن کي سنڌ جي ثقافت اجرڪ اوڍايا ويا ۽ پانڌيئڙن کي لطيف جي نگري ۾ پھچڻ تي گلاب جي گلن جي ورکا ڪئي وئي. ٻوڏ متاثرين بحالي ڪاميٽي جي اڳواڻن پاران پنھنجي جاري ڪيل پڌر نامي ۾ چيو آھي ته 1. ٻوڏ متاثرين بحالي ڪاميٽي سمجھي ٿي ته لکين سنڌي ماڻھن کي ٻوڏ ۽ بارش تباھ نه ڪيو آھي پر انھن کي سنڌ حڪومت جي مجرمانا غفلت تباھ ڪيو آھي. 2. ٻوڏ متاثرين جي بحالي ڪميٽي مطالبو ٿي ڪري ته فورن مراد علي شاھ جي سنڌ حڪومت کي برطرف ڪيو وڃي ۽ ھنن مٿان سنڌي ماڻھن کي ٻوڙڻ جو ڪيس داخل ڪيو وڃي. 3. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ سنڌ ھاء ڪورٽ جي چيف جسٽس کي اپيل ٿي ڪئي وڃي ت ھو سنڌ ۾ آيل ھٿرادو ٻوڏ جي نتيجي ۾ لکين سنڌي ماڻھن جي دربدر ٿيڻ ۽ انھن لاء آيل امداد ۾ لڳل گھوٻين جو فورن سئو موٽو ايڪشن وٺي ڪري تحقيقات ڪرائي. 4. ايشن بئينڪ ۽ ورلڊ بئينڪ کان ٻوڏ متاثرين جي لاءِ حڪومت سنڌ کي ڪروڙين ڊالر ملي رھيا آھن اھا امداد ھڙپ ڪرڻ لاء حڪومت سنڌ ۽ ان جا وزير ان امداد کي لانچن وسيلي دبئي موڪلڻ جو پلان ٺاھي رھيا آھن ان لاءِ سنڌ ھاء ڪورٽ کي اپيل ٿي ڪجي ته ھو ھڪ اھڙو مڪينزم جوڙي جنھن ۾ جڊيشري اين جي او ۽ عورتن جي نمائندگي ڪندڙ عورتن تي مشتمل ڪاميٽي ٺاھي وڃي جيڪا اھا امداد ٻوڏ متاثرين ماڻھن تائين انصاف سان پھچائي سگھن. 5. فوري طور تي ٻوڏ متاثرين کي کاڌو گرم ڪمبل دوائون ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪيو وڃي ۽ ٻوڏ متاثرين جي علائقن مان جنگي بنيادن تي پاڻيءَ جو نيڪال ڪيو وڃي ۽ انھن کي پنھنجي گھر ۾ واپس رھائش جو بندوبست ڪري ڏنو وڃي. 6. تازو سيوھڻ ڀرسان ٿيل حادثي ۾ فوت ٿيل ماڻھو ۽ ان کان اڳ نوري آباد وٽ ٿيل حادثي ۾ فوت ٿيل ماڻھن جي ذميواري حڪومت سنڌ تي ٿئي ٿي ته حڪومت سنڌ انھن ماڻھن جي فوري معاشي امداد جو اعلان ڪري ـ 7. ھي ريلي ڪراچي ۾ افغانين ۽ ٻين بدمعاشن ھٿان شھيد ٿيندڙ بي گناھ سنڌين جي قتلن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿي سنڌ حڪومت جو اھو فرض آھي ته ھو ڪراچي ۾ رھندڙ ھر سنڌي جي جان ۽ مال جو تحفظ ڪري ۽ شھيد ٿيندڙ سنڌين جي قاتلن کي ترت گرفتار ڪري. اڳواڻن پاران پڌر نامو پيش ڪري لطيف تي حاضري ڀري وئي جتي سنڌ حڪومت ۽ ان جي وزيرن خلاف پڻ نعري بازي ڪري دانھن ڏني وئي جنھن بعد لطيف جي اڱڻ تي نوجوان راڳي وقار ملاح پاران لطيف جي وائي پڻ پيش ڪئي وئي آخر ۾ شيخ اياز جي آخري آرام گاھ تي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي اڳواڻي ۾ قومي ڪارڪن پاران حاضري ڀري جتي نوجوان راڳي وقار ملاح پاران اياز جي شاعري ڳائي ڪارڪن جا ٿڪ لاھي ڇڏيا ـ
