پورٽ قاسم اٿارٽي جي ريفرنڊم ۾ پ پ جي يونين کي شڪست

ملير(ڊ.ر) پورٽ قاسم جي اٿارٽي ۾ ريفرنڊم ۾ پيپلز پارٽي جي يونين کي شڪست، ايم ڪيو ايم جي حمايت يافته 513 ووٽ کڻي ڪامياب، پي پي يونين 500 ووٽ کڻي سگهي جڏهن ته پي ٽي آءِ يونين جي ضمانت ضبط پورٽ قاسم اٿارٽي ۾ ايندڙ ٻن سالن لاءِ متحده پاڪستان جي حمايت يونائيٽڊ ورڪر فرنٽ ڪاميابي ماڻي آهي، ريفرنڊم جوائنٽ ليبر ڊائريڪٽر سنڌ جي نگراني ۾ ٿيو، پولنگ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي حمايت آفته پيپلز ليبر يونين متحده جي يونائيٽڊ ورڪر فرنٽ ۽ پي ٽي آءِ جي انصاف ورڪر يونين سميت ڇهن يونين حصو ورتو، پولنگ جي عمل صبح جو 9 وڳي کان شام 5 بجي تائين بغير ڪنهن وقفي جي جاري رهيو، ڪل ووٽرن جو تعداد 1117 هو پورٽ انتظاميا سيڪورٽي جا سخت انتظام ڪيا پورٽ قاسم ۾ ريفرنڊم جو سرگرميون گذريل 15 ڏينهن کان جاري هيو، ريفرنڊم جي ڪاميابي لاءِ سياسي سماجي، قبيلائي شخصيتن  جا رابطا هئا جڏهن ته پيپلز يونين جي ناڪامي جو وڏو سبب پي پي اڳواڻ نور محمد جلباڻي پارٽي ڇڏي متحده جي حمايت يافته تان ريفرنڊم وڙهيو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں