ڀٽ شاهه(ن س)ڀٽ شاھ ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي شهيد ڀٽو پاران پارٽي اڳواڻ عنايت علي عمراڻي تي ڪوڙن ڪيس داخل ٿيڻ خلاف دنبوره چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي شهيد ڀٽو جي ضلعي صدر گل شير ڪاڪا.جنرل سيڪريٽري خليل احمد راجپوت.شفيع محمد ڏاهري. سٽي صدر رانا عمران راجپوت. ساجد علي، مير مرتضي ,عارف پلال ۽ ٻين هي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪري ڪوڙا ڪيس ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو ان موقعي تي اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته اسين مسلسل ڏيڍ مهيني کان احتجاج ڪري رهيا آهيون پيپلزپارٽي شهيد ڀٽو چيئرمين مير مرتضي ڀٽو جي ساٿي عنايت علي عمراڻي کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي جيل حوالي ڪيو ويو آهي ان جي ضمانتون رد ڪيون ويون آهن , اسين اهڙن ڪوڙن ڪيسن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا اسان سنڌ حڪومت کي ٻڌائڻ ٿا چاهيون ته شهيد ڀٽو جي پارٽي جي ڪارڪن کي حراسان ڪرڻ بند ڪيو وڃي.اسين ڊڄڻ وارا ناهيون, جيل ۽ سختيون شهيد ڀٽو جي ڪارڪنن کي ڪڏهن به جهڪائي نٿيون سگهن, اسان سچا ايماندار وفادار ڪارڪن آهيون عنايت عمراڻي تي ڪوڙا ڪيس ختم ڪري ان کي فوري طور تي آزاد ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي،
