ڪنري ۾ ڪولهي برادري جو گهرن تي حملي خلاف احتجاجي مظاهرو

ڪنري (ن س) ڪنري ويجھو گپنو جي ڳوٺ محمد حيات آرائين رھواسين ڪولھي برادري جي ماڻھن ٿاڻي اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو. مظاھرين ڀلو ڪولھي، نارائڻ، پريمان، تلڇي ڪولھي ۽ ٻين الزام لڳائيندي دانھيندي ٻڌايو ته سھتا برادري جي بااثر ماڻھن نلڪي تان پاڻي ڀرڻ جي منع ڪرڻ تان اسان جي گھر تي حملو ڪري عورتن، ٻارن ۽ مردن تي سخت تشدد ڪيو. جوابدارن لٺيون، لتون ۽ مڪون ھڻي ڌمڪيون ڏنيون. پوليس کي دانھن ڏني پر پوليس ڪوبه تدارڪ نه ڪيو. ھنن الزام ھنيو ته جوابدار روزانو اسان جي گھرن اڳيان اچي گارگند ۽ غلط حرڪتون ڪن ٿا، مسڪين ۽ غريب ماڻھو آھيون، ڪير ٻڌڻ وارو ناهي، جوابدارن ظلم ڪيو آھي. نوٽيس وٺي جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪري انصاف ۽ تحفظ فراھم ڪيو وڃي. مظاھرين پاران تدارڪ نه ٿيڻ جي صورت ۾ ڌرڻو ھڻي احتجاجي دائري کي وسيع ڪرڻ جو چتاءُ ڏنو ويو. ھوڏانھن الزام ھيٺ آيل ڌر سان بار بار رابطو ڪري موقف وٺڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر ڪوبه موقف سامھون نه اچي سگھيو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں