ڪنڌڪوٽ(ڊر)ڪنڌڪوٽ پريس ڪلب جي سرپرست اعليٰ ۽ پيپلز پارٽي جو اڳواڻ گل محمد خان جکراڻي جو ڪراچي واري گھر جو ھلندڙ مرمتي ڪم پوليس ٿاڻو سائٽ ايريا سپر ھاءِ وي جي اھلڪارن لياقت چانڊيو ۽ ٻين پاران بند ڪرائڻ واري عمل خلاف ڪنڌڪوٽ پريس ڪلب ۾ ھنگامي گڏجاڻي بعد احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو.ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ صحافي برادري علي حسن ملڪ، لياقت علي کوسو، راجا گوپي چند، مسعود عالم سومرو، دليپ ڪمار ٺاڪر، بقا محمد بنگوار، پيربخش بنگوار، غلام ياسين لاشاري، حفيظ ملڪ، نصير منگي، غلام رسول ميراڻي، حضوربخش منگي، نظير ميراڻي، ممتاز سنڌي، احمد علي مغل، عمران علي کوسو، علي اڪبر بنگوار، سليم ميراڻي، غلام عباس ھاشمي، ظھير ملڪ، عبدالطیف میرالي، فخرالدين بلوچ، قدرت اللّٰه ميراڻي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ھي احتجاج پوليس گردي خلاف آھي سري عام ڀتو گھري پريشان ڪيو پيو وڃي سنڌ حڪومت، سنڌ پوليس جا اعليٰ اختيارون فوري طور نوٽيس وٺي ڀتو گھرندڙ پوليس اھلڪار لياقت چانڊيو سميت ٻين اھلڪارن مٿان سخت ڪاروائي ڪري ضلعو بدر ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رھندو.
