گيس ۽ بجلي جي معاملن ۾ زيادتي ٿي رهي آهي، گيس ڊسٽريبيوشن جو نئون معاهدو ڪيو وڃي: سنڌ حڪومت

اسلام آباد: (بيورو) توانائي واري سنڌ جي وزير امتياز شيخ جو چوڻ آهي ته گيس ۽ بجلي جي معاملن ۾ هنن سان زيادتي ٿي رهي آهي. هن پنهنجي گهر پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سنڌ سان گيس جي ڊسٽريبيوشن ۾ نئون معاهدو ڪرڻ جي ضرورت آهي، سنڌ مان جيتري گيس نڪري ٿي ان جو اڌ معاوضو به نٿو ڏنو وڃي جنهن سان عوام ۾ محرومي جو احساس وڌي ٿو. امتياز شيخ وڌيڪ چيو ته گيس جي کوٽ بابت شڪايتون ملن ٿيون، گيس جي کوٽ جو مسئلو سالن کان هلندو ٿو اچي. هن ٻڌايو ته اڳوڻي حڪومت پي ٽي آءِ پاران سندس ڳالهه نه ٻڌي وئي، ڪووڊ جي دوران سستي گيس ٻاهران چئن ڊالرز ۾ ملي پئي پر عمران حڪومت نه خريد ڪئي، نتيجي ۾ هاڻي هو ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن ڇاڪاڻ ته هاڻي عالمي سطح تي گيس مهانگي ٿي وئي آهي. هن چيو ته سنڌ وٽ ملڪ جي توانائي جي ضرورتن جو حل موجود آهي پر سنڌ کي مسلسل نظر انداز ڪيو ويندو آهي. سنڌ 2100 ايم ايم سي ايف ڊي گيس پيدا ڪري رهي آهي ۽ سنڌ جي گيس جي ضرورت 16 کان 17 سو ايم ايم سي ايف ڊي آهي، سنڌ کي 700 کان 800 ايم ايم سي ايف ڊي گيس ڏني پئي وڃي. امتياز شيخ چيو ته سنڌ کي وفاقي توانائي جي ادارن ۾ نمائندگي ڏني وڃي. اوگرا، نيپرا ۽ ٻين وفاقي ادارن ۾ نمائندگي لاءِ درخواستون جمع ڪرايون آهن، اميد آهي ته وزيراعظم گذارشن تي غورڪندو. هن چيو ته ڪراچي پاڪستان جو معاشي حب آهي ۽ هتي انڊسٽري جي گيس بند ڪئي وئي آهي، اسان جي صنعتڪارن کي مهانگي آر ايل اين جي خريدڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي، ان سان انڊسٽري بند ٿيندي ۽ بيروزگاري وڌندي. توانائي جي وزير امتياز شيخ مطالبو ڪندي چيو ته هنن کي گيس ۾ جائز حصو ڏنو وڃي، ڪي اليڪٽرڪ ۾ به سنڌ کي نمائندگي ڏني وڃي، ڪراچي اليڪٽرڪ مان نوڪري مان نيڪال بعد هڪ ماڻهو آپگهات ڪيو جنهن جو اطلاع مليو، ڪي اليڪٽرڪ بابت سندس مطالبا نه مڃا ويا ته اهو مسئلو پارليماني فورم تي به کڻندا. هن چيو ته سنڌ حڪومت کي توقع آهي ته وفاقي حڪومت ۽ وزيراعظم پاڪستان سنڌ جا مسئلا حل ڪندا، هنن کي اميد آهي ته ڪوليشن گورنمنٽ ملي انهن مسئلن جو ڊگهو حل ڳولن، عمران جو مارچ ۽ ڌرڻو فلاپ آهي ۽ فلاپ ٿيندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں