اوٻاوڙو(ن س)ڏھرڪي کان ڦر ڪري ايندڙ ڏوهارين جي اوٻاوڙو جي ايگل اهلڪارن رستا روڪ ڪئي ته جيڪي ون ٽو فائي موٽر سائيڪل تي سوار ڏوهارين پوليس مٿان فائرنگ ڪري ڏني پوليس اهلڪار ڏوهارين جي پٺيان تعاقب ڪيو ته ڳوٺ جمن ڀٽو لڳ ڏهر واھ پوليس اهلڪار عبدالرزاق ملڪ کي گوليون هڻي زخمي ڪري سوين ايڪڙ بيٺل ڪمند جي فصل ۾ لهي ويا جنهن کي پوليس فورس ۽ مقامي ماڻهن ڪڙو چاڙهي ڇڏيو جتي ايس ايس پي گھوٽڪي تنوير تنيو پڻ پهچي ويو جڏهن ته ڪچي ۾ آپريشن لاءِ آيل ڪمانڊوز پڻ پهچي ويا جيڪي آپريشن ڪري رهيا آهن جڏهن ته زخمي اهلڪار کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رحيميار خان ريفر ڪيو ويو آهي آخري اطلاعن تائين آپريشن جاري آهي
