حيدرآباد(پ ر) سنڌ جي سڄاڻ ڌرين مطالبو ڪيو آهي ته تعليم واري شعبي مان سياسي مداخلت ختم ، اسڪولن کان ٻاهر سمورن ٻارن کي هنگامي بنيادن تي اسڪولن ۾ داخلا ڪرائي، اسڪولن ۾ شاگردن سان امتيازي سلوڪ توڙي جسماني تشدد کي ختم ڪري، ٻوڏ سبب متاثر ٿيل اسڪولن کي فوري طور بحال ڪرايو وڃي، ايڇ آر سي پي حيدرآباد پاران ٻارن جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان ” هر ٻار لاءِ برابري ۽ شموليت “ جي عنوان هيٺ ڪوٺايل ڪنسلٽيشن پروگرام کي خطاب ڪندي ايم پي اي راشد خلجي چيو ته تعليم سان ئي شعور ممڪن آهي ۽ تعليم جي بهتري لاءِ سياسي مصلحت مڪمل طور ختم ڪرڻي پوندي، سياست پنهنجي نظرئي کي وڌائڻ لاءِ ٿيندي آهي پر تعليم شعور اجاگر ڪرڻ لاءِ هوندي آهي ۽ شعور کانسواءِ سياست به ڪنهن ڪم جي ناهي هوندي، اڳوڻي ايم پي اي فرحين مغل چيو ته ماضي ۾ جيڪي سياسي بنيادن تي استادن جون ڀرتيون ٿيون انهن تعليم جوٻيڙو ٻوڙيو، پر هينئر ميرٽ تي جيڪي استاد ڀرتي ٿيا آهن، اهو عمل قابل تعريف آهي ۽ انهي جا نتيجا به بهتر ايندا، سرڪاري اسڪولن جي حالت خراب آهي، سائنس جي مضمون تي ڪو ڌيان نٿو ڏنو وڃي، تعليم جي بهتري لاءِ شاگرد يونين جي بحالي به ضروري آهي، جيئن مستقبل ۾ سٺا سياستدان به ملي سگهن. اسڪولز جي ڊائريڪٽر عزيزالله اوڍو چيو ته اسڪول ڇڏڻ جو هڪ وڏو سبب غربت به آهي، تعليم جي بهتري ۾ استادن جو اهم ڪردار آهي، جڏهن ته والدين جي به ذميواري آهي ته ٻارن تي نظر رکن. اهي اسڪولن ۾ وڃي ٻارن بابت معلوم ڪن ۽ اسڪولن جي مالڪي ڪن، اڳوڻي ڊائريڪٽر پروفيسر زوار نقوي چيو ته ارڙهين ترميم کانپوءِ آئين ۾ هڪ آرٽيڪل 25 اي جو اضافو ٿيو جنهن ۾ تعليم هر ٻار جو بنيادي حق تسليم ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سنڌ واحد صوبو آهي جنهن 5 سالن کان 16 سالن تائين جي ڄمار وارن ٻارن جي مفت تعليم ڪئي آهي اڳوڻي ڊپٽي ڊائريڪٽر ڪريڪيولم ادريس جتوئيءَ چيو ته سنڌ جا 6 ملين ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، جيڪو شرمناڪ عمل آهي، انهي ۾ وڏو انگ ڇوڪرين جو آهي، ھن چيو ته سرڪار، سول سوسائٽي، تعليم کاتي، ضلعي انتظاميا ء والدين کي گڏجي اسڪولن کان پري ٿي ويل ٻارڙن کي تعليم سان آراسته ڪرڻو پوندو. ھونئن به تعليم زيور نه پر ضرورت بڻجي چڪي آھي..لطيف يونيورسٽي جي سوشل سائنس شعبي جي اڳوڻي ڊين عبدالمجيد چانڊيو چيو ته اسڪولن کان وٺي يونيورسٽين تائين شاگردن کي امتيازي سلوڪ سان شڪايتون رهيون آهن، انهي ڪري اسڪول مان اڪثر شاگرد انهي امتيازي سلوڪ جنهن ۾ هڪ شاگرد کي اهميت ۽ ٻئي کي نظر انداز ڪرڻ واري روئي سبب به اسڪول ڇڏي ٿا وڃن، انهي روئي کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي. ايڇ آر سي پي جي ڪوآرڊينيٽر امداد چانڊيو چيو ته پاڪستان جي اسڪولن مان لکين ٻار ٻاهر هجڻ ملڪ جي اميج تي سوال اٿن ٿا ته حڪومت لاءِ به چئلينج آهي، ڊپٽي ڪوآر ڊينيٽر ايڇ آر سي پي غفرانا آرائين چيو ته ان قسم جا پروگرام ڪرائڻ جو مطلب عوامي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ آهي، ٻارن جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان تعليم جو موضوع رکيو ويو هو، ان موقعي تي مختلف اسڪولن جي شاگردن، استادن ۽ سماجي اڳوڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي شريڪ استادن صغرا چانڊيو، مه جبين، غلام جنت ، ايڇ آر سي پي ڪائونسل ميمبر سليم جروار ، رومس ڀٽي ۽ ٻين انهي ڳالهه تي زور ڏنو ته اسڪولن کان ٻاهر شاگردن جي وڌندڙ انگ کي گهٽائي، تعليم جي اهميت اجاگر ڪرڻ لاءِ سماج جي هر شهري کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، جيئن تعليمي معيار بهتر بڻجي سگهي.
