حيدرآباد ۾ ڪيو اي ٽي سربراهه جي سالگرهه جي شاندار تقريب منعقد

حيدرآباد (پ ر) ھندو ڪائونسل پاڪستان پاران قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو جي 54 سالگرھ جي شاندار پروقار تقريب سرڪٽ ھائوس ڀرسان سيو مندر حيدرآباد ۾ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ سول سوسائٽي، سياسي ۽  سماجي  شرڪت ڪئي ۽ سالگرھ جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو۔ ان موقعي تي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي ڳالھيندي چيو تہ جيڪڏھن پاڪستان ۾ ترقي پسند، روشن خيال سياست ۽ شخصيتن جي رستا روڪ نہ ڪئي وڃي ھا، انھن کي ڪمزور نہ ڪيو وڃي ھا۔ صوبن ۾ برابري ھجي ھا تہ اڄ ملڪ جون حالتون گھٽ، ٻوسٽ ۽ جبر واريون نہ ھجن ھا، انساني آزادي يرغمال نہ ھجي ھا۔  اياز لطيف پليجي چيو تہ ھي دور پٿر جو ناھي۔ ھي دور علم جو آھي، عقل جو آھي، سائنس جو آھي، ترقي پسند ۽ روشن خيالي جو آھي۔ اسان کي اڳتي وڌڻو آھي تہ حقيقي برابري، رواداري، قانون ۽ انصاف جي حڪمراني قائم ڪرڻي پوندي۔ حقيقي جمھوريت کي اڳتي آڻڻو پوندو۔ مخصوص طبقي جي مفادن لاء مٿين طبقي کي مينيج ڪرڻ بند ڪرڻو پوندو. اياز لطيف پليجي چيو تہ جمھوريت جي مضبوطي لاء حقيقي قدم کڻڻا پوندا۔ صحت تعليم کي عالمي معيار جو بنائڻو پوندو۔ مھانگائي عوام جو جيئڻ جنجال ڪيو آھي۔ معاشي پاليسيون عوام دوست بنائڻيون پونديون۔ سنڌ کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي۔ سنڌ حڪومت سنڌ کي ڪرپشن جي ڪالوني بنائي ڇڏيو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ دنيا ۾ حڪمران تعليم، صحت، سائنس، روزگار جي وسيلن ذريعي اڳتي وڌي رھيا آھن، پر اسان وٽ ڪرپٽ ماڻھن حڪمراني کي ڦرلٽ جو ذريعو بنائي ڇڏيو آھي. خراب ۽ ڪرپٽ حڪمراني وڏو مسئلو آھي، جنھن ڪري عام ماڻھو انصاف، روزگار، تعليم، صحت ۽ بنيادي انساني حقن کان محروم آهن اياز لطيف پليجي چيو آھي تہ غربت، بيروزگاري ۽ ڪرپشن جي ذميوار سنڌ حڪومت آھي۔ 18ھين ترميم تحت سمورا کاتا صوبن حوالي آھن۔ پيپلز پارٽي حڪومت صوبائي خومختيار کي ڦرلٽ جو ذريعو بنائي ڇڏيو آھي۔ تعليم، صحت، فشريز، بلديات، اريگيشن، روينيو، گھرو، ٽرانسپورٽ، ثقافت سميت ھر کاتو ڪرپشن ۾ ٻي کاتي کي مات ڏئي رھيو آھي۔ 15 سالن ۾ ڪرپشن ھيٺين سطح تائين پھچي وئي آھي

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں