لاهور (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته صدر عارف علوي سان رابطي ۾ آهيان، جيڪڏهن آرمي چيف جي مقرري جي سمري وڃي ٿي ته هو مون سان مشورو ڪندو. هڪ خانگي چينل کي ڏنل انٽرويو ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کان نئين آرمي چيف جي مقرري جي سمري بابت سوال پڇڻ تي چيو ته مان صدر سان رابطي ۾ آهيان ۽ هو مون سان مشورو ڪندو ڇو ته هتي آرمي چيف جو تعلق آهي. وزيراعظم هڪ فرار ٿيل شخص وٽ وڃي آرمي چيف بابت مشورو ڪري ٿو. مان پارٽي سربراهه آهيان، هو مون سان هر صورت ۾ ڳالهائيندو. عمران خان چيو ته جيڪڏهن نواز شريف ايتري پري کان ڪنهن کي آرمي چيف مقرر ڪندو ته هو پهرئين ڏينهن تڪراري بڻجي ويندو، ڇاڪاڻ ته هو نواز شريف جو ماڻهو بڻجي ويندو. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته ماضي ۾ جڏهن ڪنهن آرمي چيف کي مقرر ڪيو ويو ته هو اداري جي حدن کان ٻاهر نه ويو پر نواز شريف پنهنجي ماڻهو کي آڻڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهيو آهي. عمران خان چيو ته منهنجو سوال آهي ته جيڪڏهن ملڪ ۾ ڪرپشن جي وڏن ڪيسن ۾ ملوث شخص کي عدالت سزا ڏئي ۽ هو ڪوڙ ڳالهائي ملڪ کان ٻاهر هليو وڃي ته ڇا ان کي ملڪ جي اهم ترين قومي سلامتي اداري جو سربراهه مقرر ڪرڻ ممڪن آهي؟ تنهن ڪري هي ماڻهو اهل آهي. هن چيو ته نواز شريف ملڪ کان ٻاهر ويهي جيڪو به فيصلو ڪندو اهو پاڪستان جي بهتري لاءِ نه هوندو. عمران خان چيو ته مون کي سندن نيت تي شڪ آهي ته هي ماڻهو ملڪ ۽ اداري جي بهتري لاءِ آرمي چيف جي مقرري نه ڪري رهيا آهن پر اهي پاڻ لاءِ سوچي رهيا آهن ته آرمي چيف عمران خان کي ڪيئن نااهل ڪيو وڃي، ان کي ڪنهن ڪنڊ کان ئي ڪيو ويندو. هن چيو ته نواز شريف پنهنجو آرمي چيف آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي سندس خواهش آهي ته هو عمران خان ۽ تحريڪ انصاف کي ختم ڪري ڇڏيندو. عمران خان چيو ته نواز شريف ۽ آصف زرداري ميرٽ جو خاتمو ڪري سمورا ادارا تباهه ڪيا. هن چيو ته فوجي اداري جو نظم و ضبط اهڙو هوندو آهي جو اهو ادارو بچي ويندو آهي ڇو ته قانون جي حڪمراني نه هوندي ته ادارا تباهه ٿي ويندا آهن. ٻئي طرف پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان دعويٰ ڪئي آهي هو پاور ۾ تي ايندو ئي ۽ کيس اليڪشن مهم هلائڻ جي به ضرورت ناهي. پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان زمان پارڪ لاهور ۾ برطانوي هاءِ ڪمشنر ڪرسچن ٽرنر ملاقات ڪئي جنهن دوران پي ٽي آءِ چيئرمين انگلش ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان جي دوري لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو . ان موقعي تي عمران خان چيو ته کيس ڊپ آهي ته حڪمران مُلڪ کي ايڏانهن وٺي ويندا جتان سڀ ڪجهه هٿن مان نڪري ويندو. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته ڪو به جينيئس اچي، سياسي استحڪام کانسواءِ ملڪي معيشٽ ٺيڪ نٿي ٿي سگهي، سيڙپڪار جو اعتماد رڳو اليڪشن ڪرائڻ بحال ٿيندو. عمران خان دعويٰ ڪئي ته کيس پاور ۾ اچڻو ئي آهي ۽ اليڪشن مهم هلائڻ جي به ضرورت ناهي.
