ڄامشورو (ڊ ر) پ پ ايم اين اي ۽ سروري جماعت جي روحاني پيشوا مخدوم جميل الزمان چيو آهي ته فوج خلاف ڳالهائڻ نه گهرجي، مان ان عمل جي مذمت ٿو ڪيان، فوج اسان جي سرحدن جي محافظ آهي، ان خلاف ڳالهائڻ غلط آهي، پاڪستان جو آرمي چيف ڪير ٿو ٿئي، اها آرمي جا ڪور ڪمانڊر فيصلو ڪندا، هي قانون مٽجڻ کپي، سياستدانن کي وچ ۾ آڻڻ نه کپي، موٽر وي جي زمين جي خريداري لاءِ مختص رقم ۾ ڪرپشن جي اڻ ڌري جاچ ٿيڻ گهرجي، اها ڪرپشن مٽياري کان نڪري ٻين ضلعن ۾ به ظاهر ٿي رهي آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ يونيورسٽي ايمپلائيز ڪو آپريٽو هائوسنگ سوسائٽي ڄامشورو ۾ سنڌ جي نامياري اديب، دانشور ۽ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ڄامشورو جي اڳوڻي چيئرمين مخدوم حبيب الله صديقي جي لاڏاڻي تي مرحوم جي پٽن حاجي ڪريم بخش صديقي، شهاب الدين صديقي، ڊاڪٽر فضل ڪريم صديقي، معشوق علي صديقي ۽ ذين العابدين صديقي ۽ ٻين پونيئرن سان تعزيت ڪرڻ بعد صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته مٽياري ضلعي اندر موٽروي جي تعمير لاءِ مختص سرڪاري رقم ۾ ٿيل ڪرپشن پويان مضبوط هٿ آهن، انهن خلاف اڻ ڌري جاچ ٿيڻ کپي، ٻين ضلعن جون به موٽروي ۾ ڪرپشن جو خبرون اچن پيون، مٽياري، نوشهروفيروز کانپوءِ هاڻي سکر مان به موٽر وي جي رقم ۾ ڪرپشن جون خبرون اچن پيون. هن تعجب کائيندي چيو ته آخر ڪار سنڌ جو پيسو ڪيڏانھن پيو وڃي، آئون پاڻ مضبوط جاچ چاهيان، جيڪو به هٿ ملوث آهن انهن کي وائکو ڪبو، منهنجو مٽياري ضلعو سڄو تباهه ٿي چڪو آهي، روڊن رستن لاءِ جيڪي پيسا اچن ٿا اهي خرچ ٿيڻ کپن، اڏيرولال سڄو برسات ۾ تباهه ٿيل آهي، متاثرن جي ڪا به مدد نه ڪئي وئي، مان سمجهان ٿو ته جيڪا به حڪومت اچي سنڌ جي خدمت ڪري، باقي پارٽي جون رنجشون ختم ٿيڻ گهرجن. هن مرحوم حبيب الله صديقي جي شخصيت تي ڳالهائيندي چيو ته حبيب الله صديقي شفيق انسان هو، هن جو خال ڪڏهن به ڀرجي نه سگهبو. هن جون ادب لاءِ وڏيون خدمتون آهن، هو سنڌ سان محبت ڪندڙ انسان هو، آئون سمجهان ٿو حبيب الله جو شمار شهيدن ۾ ٿئي ٿو ۽ ٿيڻ گهرجن. پ پ اڳواڻ سنڌي ادبي بورڊ جي بجيٽ ۽ وقت تي رقم نه ملڻ بابت سوال جي جواب ۾ چيو ته سنڌ حڪومت کي ڪنجوسي نه ڪرڻ کپي، سنڌي ادبي بورڊ لاءِ پيسا ڏيڻ کپن، ڀلا ڪو پنهنجو ماڻهو رکن ان کي فنڊ ڏين، اهو ادب لاءِ ڪم ڪري. پي ٽي آئي جي چيئرمين عمران خان جي 26 نومبر تي اعلانيل مارچ جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مارچ ڪرڻ هر ڪنهن جو ۽ هر پارٽي جو حق آهي مارچ پر امن ٿيڻ کپي، عمران خان هڪ قومي ليڊر آهي انهي کي روڪڻ نه کپي، جنهن کي ماڻهو ووٽ ٿا ڏين ووٽ جي طاقت سان اچي ٿو ان کي پنج سال پورا ڪرڻ ڏنا وڃن. هن هڪ سوال جي جواب ۾ اهو به چيو ته فوج جي خلاف ڳالهائڻ نه گهرجي مان مذمت ٿو ڪيان فوج اسان جي سرحدن جي محافظ آهي ان خلاف ڳالهائڻ غلط آهي پاڪستان جي آرمي جو چيف ڪير ٿو ٿئي اها آرمي جا ڪور ڪمانڊر فيصلو ڪندا. هي قانون مٽجڻ کپي، سياستدانن کي وچ ۾ آڻڻ نه کپي. ان موقعي تي فيصل نظاماڻي، گل محمد پنهور، غلام نبي سمون، حاجي احمد خان سمون، ارشاد ڏاهري ۽ ٻيا پڻ گڏ هئا.
