نوشهروفيروز(ڊ ر) سنڌ حڪومت پاران لکيل خط ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته ڊي سي خلاف چارج شيٽ جلد پيش ڪئي ويندي. سنڌ حڪومت ڊي سي نوشهروفيروز خلاف جاچ لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي اعليٰ سطحي ڪميٽي جو سربراهه 20هين گريڊ جي سيد سجاد حيدر کي مقرر ڪيو ويو20هين گريڊ جو طارق شاهه جيلاني ۽ فاروق بلو ڪميٽي جا ميمبر ھوندا. ڪميٽي نوشهروفيروز ۾ زمين جي خريداري لاءِ جاري رقم ۽ رڪارد جي ڇنڊ ڇاڻ ڪندي. ڪميٽي کي 7 ڏينهن ۾ رپورٽ ڏيڻ جو حڪم جاري ڪندي نوٽيفيڪيشن جاري ڪيو آهي ٻئي طرف سکر کان حيدرآباد موٽروي ايم سڪس جي اڏاوت لاءِ زمين جي خريداري ۾ خرد برد وارو معاملي جي جاچ لاءِ سنڌ حڪومت جي ٽيم نوشهروفيروز پھچي وئي آھي. ڪميٽي جي ميمبرن سيد سجاد حيدر، طارق شاهه ۽ فاروق بلو اڄ سڄو ڏينھن جاچ ڪئي ۽ جاچ آفيسر ڊي سي آفيس جي ڪميٽي روم ميٽنگ ۾ ويھي زمين جي خريداري لاءِ جاري رقم ۽ رڪارد جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي جيڪا ڪميٽي 7 ڏينهن ۾ رپورٽ چيف سيڪريٽري کي پيش ڪندي. ان ڏس ۾ ڪميٽي ميمبرن پاران ميڊيا کان پاڻ کي پري رکندي ميڊيا جي نمائدن سان ڳالهائڻ کان لاتعلقي ڪئي آهي.۽ ميٽنگ روم ٻاھران اھلڪار مقرر ڪيا ويا ھئا. ذريعن موجب جاچ ڪميٽي موٽروي لاءِ ضلعي نوشهروفيروز جي چئن تعلقن محرابپور، ڀريا، نوشهروفيروز ۽ ڪنڊيارو ۾ ورتل 15 سئو ايڪڙ زمين جي ادائگين بابت بيان ورتا، جيڪي ٻن قسطن جي صورت ۾ 2020 ۽ 2021 ۾ نيشنل بئنڪ ۾ پھتا جيڪي اتان سنڌ بئنڪ ۾ ڊپٽي ڪمشنر جي اڪائونٽ ۾ موڪليا ويا، جتان بنا ڪراس چيڪن ذريعي چونڊيل نمائندن، وڏيرن ۽ ٻين بااثر ماڻھن ذريعي اڪائونٽ مان ڪڍرايا ويا. ذريعن موجب اھا رقم اسسٽنٽ ڪمشنرن معرفت زمين جي کاتيدارن کي ڏيڻي ھئي پر ڊپٽي ڪمشنر اھو چيڪ بڪ پنھنجي قبضي ۾ رکيو. جڏھن ته ذريعن ٻڌايو آهي ته ميگا ڪرپشن ۾ چئن ئي تعلقن محرابپور، ڪنڊيارو، ڀريا ۽ نوشھروفيروز جي اسسٽنٽ ڪمشنرن، مختيارڪارن ۽ 9 تپيدارن کي به شامل ڪيو ويو آهي جن معرفت سرڪاري زمين، ڀڏن، آساسن جا جعلي کاتا بااثرن جي نالي تي ڏيکاريا ويا ۽ رقم انھن ڏانھن منتقل ڪري کاڌي وئي. ان سلسلي ۾ جاچ ٽيم اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ اي ڊي سي ون جا بيان به قلم بند ڪيا آھن. جڏھن ته معلوم ٿيو آهي ته ڊپٽي ڪمشنر تاشفين عالم چيڪ بوڪ ۽ ٻيا ڪجھ اھم فائيل پاڻ سان کڻي ويو آھي جنھن ڪري ٽيم کي جاچ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن. جاچ ٽيم پاران جاچ جي سلسلي ۾ ڪابه پڌرائي ناھي ڪئي وئي. آخري اطلاع تائين ٽيم ڪميٽي روم ۾ مختلف دستاويزن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري رھي آھي. جڏهن ته سوشل ميڊيا تي سڄو ڏينهن هيءُ ڳالهه زينت بڻيل رهي ته ڊي سي نوشهروفيروز 19 نومبر تي ملڪ مان دبئي فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي. جنهن جي فرار ٿي وڃڻ جي ايميگريشن کاتي پڻ تصديق ڪري ڇڏي آهي.جنهن جي ڪري نوشهروفيروز ضلعي اندر انهن سمورن فردن ۾ ٻڙدڪ متل آهي.
