ميرپور ماٿيلو(ن س) ميرپور ماٿيلو جي صحافين مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائيندڙ اي سي ميرپورماٿيلو احمر خلاف سندس آفيس اڳيان صحافين ۽ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن پاران احتجاج ڪيو ويو ۽ اي سي ميرپورماٿيلو جي خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي وئي، ان موقعي تي اڳواڻن اشرف شاھ ، آدم پتافي ، لطيف لغاري ، آگن شر ، لالا قادر ڀٽو ، نصرالله گڏاڻي، جلال بوزدار ۽ ٻين چيو تہ اي سي ميرپورماٿيلو احمر ڪورٽ جي حڪم باوجود انڪروچمينٽ ختم نہ ٿو ڪرائي ۽ انڪروچمينٽ ختم نہ ٿيڻ خلاف جيڪي ڳوٺاڻا احتجاج ڪرڻ لاءِ اچن ٿا انھن مٿان ۽ احتجاج ريڪارڊ ڪندڙ صحافين مٿان ڪوڙا ڪيس داخل پيو ڪرائي جيڪا ميرپور ماٿيلو جي عوام سان وڏي ناانصافي آهي هنن چيو ته اي سي ميرپور ماٿيلو احمر عوام جا ڪم ڪرڻ بدران عوام تي عذاب بڻيل آهي جيڪو ڀوتارن جو واٺو لڳو پيو آهي ھنن چيو ته جيستائين ڪرپٽ اي سي ميرپورماٿيلو کي ھٽائي صحافين مٿان ڪوڙا ڪيس ختم نہ ڪيا ويندا تيستائين احتجاج جو سلسلو جاري رھندو..
