نئين سپهه سالار جو نالو اڄ فائنل ٿي ويندو، قانوني گهرجون پوريون ڪيون پيون وڃن: خواجه آصف

اسلام آباد ( بيورو) بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته اهم مقرري تي هڪ ٻن ڏينهن ۾ فيصلو ٿي ويندو، سپهه سالار جو نالو اڄ تائين فائنل ٿي ويندو. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجه آصف چيو ته اهم مقرري تي قانوني گهرجون پوريون ڪيون پيون وڃن ۽ ان حوالي سان اتحادين سميت ڪابينا کي مڪمل اعتماد ۾ ورتو ويندو. هڪ صحافي خواجه آصف کان سوال ڪيو ته آرٽيڪل 243 ۾ ته اعتماد بابت ناهي لکيل؟ جنهن بچاءَ واري وزير چيو ته مون کي ايترن آرٽيڪلز جي ڄاڻ ناهي، مان اڳڪٿيون نٿو ڪرڻ چاهيان. هن چيو ته اهڙي مقرري کي عوامي بحث جو حصو نه بڻجڻ گهرجي، گذريل ڪجهه مهينن کان جيڪا صورتحال آهي اها هڪ ٻن ڏينهن ۾ ختم ٿي ويندي. هڪ سوال جي جواب ۾ خواجه آصف چيو ته اهڙي قسم جي شين تي صدر يا وزيراعظم کي ملڪ ۽ قوم جي بهتر مفاد ۾ فيصلا ڪرڻ کپن، ان ۾ سياست کان هٽي ڪري، قانون، آئين ۽ وطن جي مفادن پٽاندڙ فيصلا ٿيڻ گهرجن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں