بدين(رپورٽ: مرتضيٰ ميمڻ) ٽنڊوباگو ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي ٻوڏ متاثرن جي بحالي، ڌارين جي نيڪالي لاء ۽ پاڻي جا قدرتي وهڪرا بحال ڪرڻ لاء ٽنڊو باگو ۾ حڪيم هاليپوٽو چوڪ کان عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مير بشير ٽالپر، ضلعي بدين جي صدر جاکرو نوحاڻي، مهراڻ درس، زرقا هاليپوٽو، بيگم زئور، سنڌو جمالي جي اڳواڻي احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. جتي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي ڪرپٽ ۽ عوام دشمن حڪمرانن عالمي امداد هڙپ ڪرڻ لاء سنڌ کي هٿ وٺي ٻوڙائي تباهي ۽ بربادي برپا ڪئي،پاڻي جي قدرتي وهڪرن تي ڀوتارن هٿيار بند ويهاري قبضا ڪري هاڪڙي ۽ پراڻ جي پاڻي جا رستا بند ڪري ڇڏيا جنهن جي نتيجي ۾ ڪروڙين ماڻهو بي گهر ٿيا، سوين ماڻهو زندگي تان هٿ ڌوئي ويٺا ۽ کربين روپين جو معاشي نقصان ٿيو، زراعت کي ڪاپاري ڌڪ لڳو، ان سڄي جاني، مالي نقصان جي ذميوار پ پ پ سرڪار، وزير، مشيرن، ايم پي ايز، ايم اين ايز ۽ سندن جوڙيوال ڪامورا ۽ آفيسر شاهي آهي، ٻوڏ کي ڪافي مهينا گذري چڪا آهن پر هن وقت تائين ٻڏل علائقن مان پاڻي جي نيڪال جا ڪي به انتظام ناهن ڪيا ويا. جنهن سبب اهي علائقا هن وقت به ٻڏل آهن. هنن چيو ته ان سڄي صورتحال ۾ انتظامي نااهلي ڏسڻ وٽان آهي، مصيبت جي ماريل ماڻهن جي سهائتا ئي نه ڪئي وئي، ملندڙ امداد کي ڪرپشن وسيلي حڪمرانن ۽ ڪامورن پاڻ ۾ ناني ويڙهو ڪري ورهايو ويو آهي. باقي ٻوڏ متاثر ماڻهن کي ڪجھ به ناهي مليو. هنن چيو ته اڄوڪي ريلي اها گهر ڪري ٿي ته ٻوڏ متاثرن جي واهر ڪئي وڃي، ڌارين کي نيڪالي ڏني وڃي، قانون جي رٽ بحال ڪري امن ۽ انصاف وارو نظام رائج ڪيو وڃي، سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ڪري سمورن پرڏيهين کي نيڪالي ڏني وڃي ۽ ٻوڏ سبب فوت ٿيلن جي وارثن کي هڪ ڪروڙ، زخمين کي 30 لک بي گهر ماڻهن کي گهر ٺهرائڻ لاء 50 لک روپيا ڏنا وڃن. ان سان گڏ زراعت ۽ عوام جي ٿيل ٻئي مالي نقصان جو ازالو ڪيو وڃي
