ڀٽ شاهه(ن س)ڀٽ شاھ ۾ شاھ لطيف جي پياري راڳي يعقوب فقير شهيد جي ورسي تقريب منعقد ڪئي وئي، ورسي جي موقعي تي ديوان گاگن داس ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ درگاھ حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي مزار تان چادر کڻي ريلي جي صورت ۾ صوفي فنڪارن سان گڏجي يعقوب فقير شهيد جي مزار تي پھچي دعا گهري وئي ۽ ورسي تقريب منعقد ڪري شاھ لطيف جي راڳ ۽ صوفياڻا ڪلامن سان ڀيٽا پيش ڪئي وئي، ديوان گاگن داس جي ميزباني هيٺ منعقد ڪيل ورسي تقريب ۾ سيد حاڪم علي شاهه، خالد احمد راجپوت، ايشور داس انيل ڪمار، ليارمل، مريد حسين ٻگهيو، فقير طالب حسين تمراڻي، اميت ڪمار سميت شهرين، صحافين ۽ چاهيندڙن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ڀٽائي جي راڳي فقيرن پاران دنبوري جي تند سان شهيد کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي ۽ مقامي فنڪارن محمد هاشم چنڊ، محمد رحيم سولنگي، طالب حسين شاهاڻي، تارا چند ۽ ٻين صوفياڻا ڪلام پيش ڪيا،
