ڄامشورو ڀرسان بااثرن جي پورهيت جي گهر تي ڪاهه،ناري اغوا، متاثرن جو احتجاج

ڄامشورو(ڊ ر) ڄامشوري ۾ پيٽارو ڀرسان ڳوٺ ٻاسورو ۾ بااثر ماڻهن پاران خانگي سيڪيورٽي ڪمپني ۾ ڊيوٽي ڪندڙ پورهيت محمد علي ماڇي جي گهر تي مبينا طور ڪاھ ڪري گهر ۾ موجود عورتن ۽ معصوم ٻارڙن تي تشدد ڪرڻ بعد سندس 16 سالا نياڻي شبانه ماڇي کي اغوا ڪري ويا, اهڙي واقعي خلاف اغوا ڄاڻايل ناري جي والده مسمات گۡڏي ڌيءۡ جي صدمي ۾ بيحالي واري حالت ۾ ڀيڻ شبانا ماڇي ۽ ڀاڻج عبدالحميد ماڇي سان گڏجي ڄامشورو ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب پهچي صحافين آڏو سخت احتجاج ڪندي دانهيو ته پنج ڏينهن اڳ منهنجي مڙس جي غيرموجودگي ۾ اسان جا ويجها مائٽ شبير ماڇي، گلزار ماڇي، حاڪم ماڇي ۽ ٻيا بلاجواز ناجائزي ڪندي هٿيارن جي زور تي گهر اندر داخل ٿي گهر ڀاتين کي يرغمال بڻاڻو ۽ انهن مٿان سخت تشدد ڪرڻ بعد منهنجي 16 سالا نياڻي شبنم ماڇي کي اغوا ڪري ويا آهن ۽ اهي پڻ ڌمڪيون ڏئي ويا آهن ته تنهنجي ٻي ڌي کي به اغوا ڪري وينداسين, هن چيو آهي ته بااثرن جي اهڙي ناجائزي بعد اسان ڄامشورو ٿاڻي ۽ حد جي پوليس پوسٽ تي پڻ پهچي انصاف لاء دانهيو آهي پر پوليس بااثرن جي وانگاري هئڻ سبب 5 ڏينهن گذري وڃڻ باوجود اڃان تائين ڪا به ڪارروائي نه ڪئي وئي آهي نتيجي ۾ جوابدار ڌر اسان کي خاموش ڪرڻ لاء ھڪ ڀيرو ٻيهر اسان جي گهر مٿان حوالي فائرنگ ڪري اسان کي ڌمڪائي ويو آهي,هن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي ڄامشورو کان مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي  منهنجي نياڻي کي بازياب ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں