ڄامشورو ۾ صحافين جو اجلاس،ثقافتي ڏهاڙي جي پروگرام بابت غور ويچار

ڄامشورو(ڊ ر)ڄامشورور پريس ڪلب جي صحافين جو اھم اجلاس پريس ڪلب جي صدر ڊاڪٽر عبدالفتاح دائودپوٽو جي صدارت ھيٺ ٿي گذريو,جنھن ۾ پريس ڪلب جي عھديدار ۽ ميمبرن اسد منڱريو، دلدار جانوري، حاڪم چانڊيو، جبار ڪابورو، راشد لاکير، عابد عباسي، وقار ھسباڻي، باسط ملاح، اسلم لغاري ۽ ٻين شرڪ ڪئي اجلاس ۾ 04 ڊسمبر تي سنڌ جي ثقافتي ڏھاڙي جي حوالي سان پروگرام بابت غور ويچار ڪرڻ کان بعد اھو فيصلو ڪيو ويو تـ پوئين سال جيان ھن سال بـ سنڌ جي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ڪوٽڙي واسين لا: ايڊمور پمپ ويجھو ھڪ شاندار پروقار تقريب ڪوٺائي ثقافتي ميلو مچايو ويندو جنھن لاءِ ڄامشورو پريس ڪلب جي صدر ڊاڪٽر عبدالفتاح دائودپوٽو پاران پروگرام لاءِ 4 رڪني آرگنائزنگ ڪاميٽي جوڙي وئي جن ۾ دلدار جانوري، حاڪم چانڊيو، اسد منڱريو ۽ جبار ڪابورو کي آرگنائيزر چونڊي پروگرام کي بھتر نموني ترتيب ڏيڻ لاءِ هدايتون جاري ڪيون ويون.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں