ڇا پي ٽي آئي ملڪ جي سڀ کان وڏي سياسي پارٽي آهي؟

غلام حسين جوڻو
اسان جي پياري ملڪ پاڪستان ۾ ، کوڙ ننڍيون وڏيون سياسي پارٽيون وجود ۾ آيون. تن مان ڪجهه مورڳو ئي ختم ٿي ويون. جن جا هاڻ صرف نالا ٻڌندا رهون ٿا. ڪي پارٽيون تمام گهڻيون پراڻيون آهن. سندن وجود اڄ به زنده ۽ برقرار آهي. انهن پارٽين ۾ جماعت اسلامي ، جمعيت العلماءِ اسلام ، پاڪستان پيپلس پارٽي ۽ مسلم ليگ وغيره اڃا به متحرڪ آهن. اها ٻئي ڳالهه آهي ته ، هاڻ انهن جي مقبوليت گهٽجندي پئي وڃي ۽ گراف ڪري رهيو آهي. جڏهن ته “پاڪستان تحريڪ انصاف” نئين پارٽي آهي. انهيءَ جي ڪا ايڏي وڏي عمر ڪونه آهي. پر، يڪدم مٿي اڀري آئي آهي. عوام ، ان پارٽي کي سٺي موٽ ڏيندو رهي ٿو. هن پارٽي 2018 ع جي چونڊن ۾ حصو ورتو ۽ چئن صوبن ۾ پنهنجا اميدوار بيهاريا. چونڊن ۾ سوڀاري ٿي. ان نتيجي ۾ ، گذريل حڪومت عمران خان جي هئي. عمران خان ، ملڪ جو وزير اعظم ٿيو. پوءِ اها ٻئي ڳالهه آهي ته ، چند پارٽين گڏيل اتحاد ڪري، پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪيو ۽ ان جاءِ تي پنهنجي اتحادي حڪومت قائم ڪري ورتي . جيڪا اڃا تائين هلندڙ آهي.
ياد رهي ته ، پي ٽي آئي جي حڪومت اچڻ کان اڳ ۾ ، عمران خان ، ملڪ جي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ ڌرڻو هنيو هو. جنهن ۾ هزارين ماڻهو شريڪ ٿيا هئا. اهو ڌرڻو ڪيترن ئي ڏينهن تائين جاري رهيو. ان ڌرڻي ۾ وڏي تعداد ۾ ماڻهن جي شرڪت جي ڪري مخالف پارٽين جا اڳواڻ بوکلاهٽ جو شڪار ٿي ويا. سندن پريشاني ۽ مايوسي ۾ اضافو ٿي ويو. انهن ڏينهن کان وٺي مذڪوره پارٽين جي قيادت ۽ سرڪرده اڳواڻن عمران خان تي تنقيد ڪرڻ شروع ڪئي. جيڪا اڄ ڏينهن تائين جاري و ساري آهي. حڪومت ۽ سندس حواري عمران خان جي خلاف بيان بازي ڪري رهيا آهن. وري جڏهن عمران خان کي وزير اعظم جي عهدي تان هٽايو ويو ته هن به خاموشي اختيار ڪونه ڪئي. وري عوام کي حڪومت جي خلاف ڀڙڪايو ۽ احتجاج ڪرڻ جو سڏ ڏنو. احتجاجي جلوس لاهور کان روانو ٿيو ۽ اسلام آباد ڏانهن وڃڻ لڳو. هن احتجاج ۾ به وڏي تعداد ۾ ماڻهو شريڪ ٿيا آهن. مختلف علائقن ۽ صوبن جا ماڻهو اتي پهتا. خود سنڌ مان به هزارين ماڻهن ان احتجاج ۾ شرڪت ڪئي. جڏهن اهو قافلو وزير آباد شهر وٽ پهتو ته هن تي خوني حملو ٿيو. جنهن ۾ تيرهن ماڻهو زخمي ٿيا ۽ هڪ فوت به ٿي ويو. خود عمران خان کي به ڄنگهه ۾ گولي لڳي ۽ زخمي ٿي پيو. آئون سمجهان ٿو ته ، کيس راهه تان هٽائڻ جي هڪ سازش ڪئي ويئي آهي. ان سلسلي ۾ ، ليفٽننٽ جنرل رٽائرڊ “فيض علي چستي” دعويٰ ڪئي آهي ته عمران خان تي حملو “مارڪس مين” جو ڪم هو. هن هڪ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ، حملي جو مقصد کيس قتل ڪرڻ نه پر، رڳو ڊيڄارڻ هو. هن وڌيڪ چيو ته ، جڏهن به “مارڪس مين” کي ٽارگيٽ جو ڪم ڏنو ويندو آهي. ان جو مقصد سامهون واري کي ڊيڄارڻ هوندو آهي ۽ گوڏي کان هيٺ گولي هڻڻ جو حڪم ڏنو ويندو آهي.
فيض علي چستي جي مٿئين بيان ۾ ڪيتري سچائي ۽ صداقت آهي. ان باري ۾ الله تعاليٰ ئي بهتر ڄاڻي ٿو. اسان ڪجهه به چئي ڪونه ٿا سگهون. پر، اهو عام فهم ۽ خيال آهي ته ، حڪومت ، عمران خان جي عوامي مقبوليت ڏسي پريشان آهي. جنهن ڪري اها ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته جيئن هن کي راهه تان هٽائي سگهجي. خبر ناهي ته عمران خان جي رستي روڪ ڪري ، حڪومت ڪهڙو ۽ فائدو حاصل ڪرڻ گهري ٿي؟ ڪن تجزيه نگارن جو خيال آهي ته ، مذڪوره پارٽي ملڪ جي وڏي ۾ وڏي پارٽي ٿي اڀري رهي آهي. جيڪا ڳالهه موجوده سياستدانن کان هضم نه ٿي ٿئي ۽ ڏکي لڳي رهي آهي. هڪ طرف اها حالت آهي ته ٻئي طرف “پاڪستان تحريڪ انصاف” وارا اهو چئي رهيا آهن ته سندن جماعت ملڪ جي وڏي ۾ وڏي پارٽي آهي. سندن وڌيڪ چوڻ آهي ته حڪومت کي اها حقيقت تسليم ڪرڻ گهرجي. اها ڳالهه پنهنجي جاءِ تي ڪيتري قدر درست ۽ صحيح آهي. اها سموري صورتحال مستقبل قريب ۾ واضح ٿي ويندي. اڳواٽ ڪجهه چوڻ اهو هڪ اندازو هوندو. قياس آرائيون ٿي سگهن ٿيون.
“پاڪستان تحريڪ انصاف” جي مقبوليت جو اندازو ان ڳالهه ۾ به لڳائي سگهجي ٿو ته ، هاڻ ويجهر ۾ ملڪ اندر ضمني چونڊون ٿي گذريون. جنهن ۾ هن پارٽي واضح اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪئي. جڏهن ته اتحادي پارٽين جهڙوڪ پاڪستان پيپلس پارٽي (زرداري گروپ) ، مسلم ليگ (ن) ۽ جمعيت العلماءِ اسلام (ف) ۽ ٻين ننڍين پارٽين گڏيل بيان ڪيل چونڊن ۾ حصو ورتو. پر، اهي ايتريون سيٽون حاصل ڪري ڪونه سگهيون. جيتري کين توقع هئي. مذڪوره چونڊن جي نتيجي تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته ، پاڪستان تحريڪ انصاف کي عوام طرفان سٺي موٽ ملي رهي آهي. جنهن ڪري چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي اٿس. اهي چونڊ نتيجا به حڪومت جي پريشانيءَ جو سبب بنيا آهن. انهن نتيجن ظاهر ٿيڻ کان پوءِ حڪومت پنهنجي اتحادين جو اجلاس گهرائي ۽ گڏجاڻيون ڪري، باهمي صلاح و مشورا به ڪيا آهن ۽ اهو طئه ڪيو اٿن ته ، عوام جي فلاح و بهبودي لاءِ رليف پيڪيجز ڏنا وڃن. جن سان عام ماڻهو کي وڌ ۾ وڌ فائدو حاصل ٿي سگهي ۽ انهن جي زندگي ۾ سڌارو اچي سگهي.
پاڪستان تحريڪ انصاف جي پارٽي جي مقبوليت جو اندازو ان ڳالهه مان به لڳائي سگهجي ٿو ته ، ملڪ جي عوام جو خاصو تعداد ، ان پارٽي ۾ شموليت ڪري رهيو آهي. اهو سلسلو به تيزي سان وڌندو پيو وڃي. سياسي شعور رکندڙ شخصيتون هن طرف رخ ڪري رهيون آهن. اها صورتحال سڄي ملڪ ۾ ڏسڻ ۾ اچي پئي. خاص ڪري سنڌ صوبي ۾ به ڪافي ڀوتار مذڪوره پارٽي ۾ شامل ٿي چڪا آهن ۽ ڪجهه ، ان متعلق سوچي رهيا آهن. اهڙيون قياس آرائيون ڪيون پيون وڃن. امڪان ڏيکاريا پيا وڃن ته عام چونڊن کان اڳ ۾ اهي به پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿي ويندا. ان سلسلي ۾ ڪيترن ئي زميندارن ۽ ڀوتارن جا نالا ٻڌڻ ۾ اچن ٿا. جيڪي عمران خان سان ملاقات ڪري سندس پارٽي ۾ وڃڻ جو اعلان ڪرڻ گهرن ٿا. ٻئي طرف عمران خان به چئي چڪو آهي ته ، آئون تمام جلد سنڌ ۾ به اچڻ وارو آهيان ۽ سنڌ جي ماڻهن جي قسمت بدلائڻ لاءِ ڪوششون ڪندس. هاڻ ڏسجي ته صاحب موصوف ڪڏهن ٿو سنڌ ۾ قدم رکي يا، اهو هڪ سياسي بيان ڏنو اٿس ۽ اڳتي هلي يوٽرن ٿو وٺي. في الحال عمران خان جي پاليسي ۽ منصوبا بندي جو انتظار آهي. ڏسجي ته هو ، ڪهڙو ٿو پروگرام ڏيئي.
هاڻ ، تازو هڪ خبر سامهون آئي آهي. جنهن موجب ، هڪ پراڻي تجزيه نگار حامد مير واضح ڪيو آهي ته ، آمريڪي اعليٰ آفيسر چون ٿا ته ، پي ٽي آئي ، پاڪستان جي سڀ کان وڏي سياسي پارٽي آهي. ان جا اڳواڻ ، اسان بابت جيڪي به چون ٿا. ان کي نظر انداز نه ٿا ڪري سگهون. هن وڌيڪ چيو آهي ته ، “آمريڪي حڪومت ۽ آمريڪي سفارتخانو تحريڪ انصاف جي اعليٰ قيادت سان ويجهي رابطن ۾ آهي. ان مان اهو تاثر ملي ٿو ته ، عمران خان ۽ آمريڪا وچ ۾ لاڳاپا بهتر ٿي رهيا آهن. عمران خان ، تازو برطانوي اخبار کي انٽرويو ڏنو آهي. اهو انٽرويو ان تاثر کي مضبوط ڪري ٿو!. آئون هتي اهو ذڪر ڪرڻ لازمي ٿو سمجهان ته ، حامد مير ملڪ جي سياست ۽ مسئلن تي هر وقت گهري نظر رکيو اچي ٿو ۽ تجزيا ڪندو رهي ٿو. سندس رايا ۽ خيال به هڪ حقيقت آهن. جنهن ڪري سندس مذڪوره تجزئي کي به رد ڪري نه ٿو سگهجي. باقي اهو تجزيو ڪيتري حد تائين سچ آهي. تنهن کي اڳتي هلي وقت ثابت ڪندو.
ٻئي طرف پاڪستان تحريڪ انصاف جون مخالف ڌريون اهو چئي رهيون آهن ته ، عمران خان سان ماڻهو گڏ ڪونه آهن. عوام ، سندس ساٿ ڪونه ٿو ڏيئي. عوام ۾ مقبوليت ڪونه اٿس. جنهن ڪري ان کي ملڪ جي سڀ کان وڏي پارٽي چئي نه ٿو سگهجي. جڏهن ته مٿيون حقيقتون مخالفن جي ان دعويٰ کي رد ٿيون ڪن. اهڙي صورتحال ۾ تجزيه نگار توڙي ملڪي عوام مونجهاري جو شڪار آهن ۽ غير يقيني ماحول پيدا ٿي رهيو آهي. جنهن ڪري ان ڏس ۾ ڪا حتمي راءِ قائم ڪري نه ٿي سگهجي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں