اڪرم واهه ۽ ڦليلي واهه ۾ گندي پاڻي جو ڇوڙ بند ڪيو وڃي:سماجي اڳواڻ

ھوسڙي (رپورٽ  ڪامران سولنگي )دريائي سنڌ ڄام شورو مان نڪرندڙ  اڪرام واھ ۽ نيو ڦليلي  واھ ۾ هوسڙي شھر ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن جو سمورو گندو ۽ زهريلو گهٽرن جو پاڻي گنديون لڳائي هوسڙي ٽائون ڪميٽي انتظاميان پاران اڪرم واھ ۽ نيون ڦليلي واھ ۾ نيڪال ڪيو پيو وڃي ان حوالي سان  سماجي اڳواڻن بشير احمد سولنگي محمد دائود ٻوڙو محمد عامر شرف الدين شاه محمد صالح ۽ ٻين جي چوڻ مطابق هوسڙي ٽائون انتظاميا هوسڙي شھر ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن جي گهٽرن جو گندو ۽ زهريلو پاڻي اڪرم واھ ۽ نيون ڦليلي واھ ۾ نيڪال ڪري رهي آھي جيڪو هڪ غيرڪانوني ۽ غير مناسب عمل آھي هن ٻنھين  واھن جو پاڻي ڪڍڻ سيراڻي ڀڳڙا ميمڻ نندو   بدين تلھار ماتلي ڪڙيو گنور تائين آباديون واپرائندويون آھن جڏهن ته ھيٺيان جي پٺي جا مقامي ڳوٺاڻا  شھري توڙي جانور سميت  سوين معصوم ٻارڙا ۽ ماروڙن جا جانور  وڏي تعداد ۾  اھيو پاڻي واپرائيندا آهن پر افسوس هوسڙي ٽائون انتظاميان هوسڙي ٽائون ۾ ايندڙ مختلف ڳوٺن ۽ هوسڙي شھر جو سڄو گند هنن واھن ۾ نيڪال ڪري سوين ماڻھون جي زندگين سان کڏي رهيا آھن.هنن وديڪ ڳالهائندي چيو ته اهو زهريلو گندو پاڻي انهن واھن م ملڻ ڪري هيٺيان جا سوين ماڻھون توڙي جانور مختلف موزي جان ليوا  بيمارين ۾ وٺجي سگهن ٿا هنن لاڳاپيل ادران کان مطالبو ڪندي چيو ته جلد کان جلد هن گندي پاڻي جو نيڪال واھن م بند ڪرائي انساني جانن جو ممڪنا زيان ٿيڻ کان بچايو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں