اسلام آباد (بيورو) صدر عارف علوي اهم مقررين بابت سمري تي صحيح ڪري ڇڏي، جنهن کانپوءِ جنرل عاصم منير نئون آرمي چيف ۽ جنرل ساحر شمشاد جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي چيئرمين بڻجي ويو. واضح رهي ته آرمي چيف ۽ جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي چيئرمين جي مقرري جي سمري اڄ ايوان صدر کي وصول ٿي هئي، جنهن کانپوءِ صدر عارف علوي تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان سان ملاقات ڪئي ۽ اسلام آباد موٽي ويو هو. صدر آئين جي آرٽيڪل 243 تحت وزيراعظم جي ايڊوائس تي منظوري ڏني. صدر طرفان سمري منظور ٿيڻ کانپوءِ وزيراعظم هائوس آرمي چيف ۽ جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي چيئرمين جي مقررين جو نوٽيفڪيشن جاري ڪندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته نئين آرمي چيف جي اڄ ئي وزيراعظم ۽ صدر سان ملاقات ٿيندي، جڏهن ته جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي چيئرمين به صدر ۽ وزيراعظم سان ملندو. ليفٽيننٽ جنرل عاصم منير منگلا ٽريننگ اسڪول مان پاس آئوٽ ٿيو ۽ هن فوج ۾ فرنٽيئر فورس رجمينٽ ۾ ڪميشن حاصل ڪئي. هن آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي ماتحت بريگيڊيئر طور فورس ڪمانڊ ناردرن ايرياز ۾ فوج جي ڪمان سنڀالي، کيس 2017 ۾ ڊي جي ملٽري انٽيليجنس مقرر ڪيو ويو ۽ آڪٽوبر 2018 ۾ آءِ ايس آءِ جو سربراهه بڻايو ويو پر هو مختصر عرصي لاءِ ان عهدي تي رهيو. آءِ ايس آءِ جي سربراهي کانپوءِ ليفٽيننٽ جنرل عاصم منير کي ڪور ڪمانڊر گوجرانوالا مقرر ڪيو ويو ۽ ٻن سالن کانپوءِ هو جي ايڇ ڪيو ۾ ڪوارٽر ماسٽر جنرل جي عهدي تي مقرر ٿيو ۽ هاڻ به ان ئي عهدي تي ڪم ڪري رهيو آهي. ليفٽيننٽ جنرل عاصم منير پهريون آرمي چيف هوندو، جيڪو ملٽري انٽيليجنس ۽ آءِ ايس آءِ ۾ رهي چڪو آهي، جنرل عاصم پهريون آرمي چيف آهي، جيڪو شمشير يافته آهي، هو قرآن پاڪ جو حافظ به آهي.
