جن به انسانيت جي ناتي بنا ڪنهن فرق جي خدمت ڪئي انهن جي تاريخ لکي وئي آهي: ايم پي اي غلام قادر چانڊيو

سڪرنڊ (ڊ ر) سنڌ اسيمبلي ۾ پبلڪ اڪائونٽ ڪاميٽي جي چيئرمين ايم پي اي غلام قادر چانڊيو چيو آهي ته انسانيت جي خدمت سڀ کان وڌيڪ خدمت آهي جن به انسانيت جي ناتي بنا ڪنهن فرق جي خدمت ڪئي انهن جي تاريخ لکي وئي آهي هُو ٿيليسميا جي ٻارن لاءِ لڳل هڪ روزه بلڊ ڊونيشن ڪيمپ جو دورو ڪرڻ وقت ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو هن چيو ته ٿيليسميا پيشنٽ ويلفيئر سوسائٽي نوابشاھ گذريل پندرنهن سالن کان بنا ڪنهن فرق ۽ بنا ڪنهن وقفي جي مسلسل ٻارن کي رت ڏئي رهي آهي جنهن ۾ ٿيليسميا سينٽر جي مينجر مجيب الرحمان خاصخيلي جو اهم ڪردار آهي جيڪو ڏينهن رات هڪ ڪري ٻارن لاءِ رات گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهي ايم پي اي ان دوران ٿيليسيميا جي ٻارڙن لاء رت عطيو ڪندڙن کي مڃتا سرٽيفڪيٽ پڻ ڏنا ان موقعي تي سوسائٽي جو ميمبر خان محمد پلي پڻ موجود هو

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں