دادوءَ ۾ جي عزيز آباد ڪالونيءَ ۾ چورن جي مبينا فائرنگ، عورت قتل

دادو(رپورٽ:علي گوھر سومرو) عزيز آباد ڪالوني ۾ اي سيڪشن پوليس جي حد ۾ گذريل رات مبينہ چورن جي فائرنگ ۾ شادي شدہ عورت مارجي وئي،  گھر ڌڻين مقتولا جي مامي،سس ۽ نڻاڻن موجب گذريل رات نامعلوم چور چوري ڪري رھيا ھئا تہ گھر ڌڻي سجاڳ ٿيڻ تي چورن سان مزاحمت ٿي پئي نامعلوم چورن جي فائرنگ ۾ 2 ٻارن جي ماءُ مسمات فرحانه زال اسد ابڙو کي گولي ھڻي قتل ڪيو ويو، چور فرار ٿي ويا،   عورت جو لاش ضروري ڪاروائي لاءِ سول اسپتال دادو منتقل ڪيو ويو، پوسٽ مارٽم بعد لاش وارث کڻائي ويا، مقتولا عورت جو مڙس ڪراچي ۾ مزدوري تي ويل ھو، عورت جي قتل بابت علائقي ۾ مختلف چوٻول گردشت ڪري رھيا آھن، دادو اي سيڪشن پوليس ضروري ڪاروائي لاءِ جاءِ واردات جو جائزو وٺي اسپتال پھچي وئي اي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او اشفاق احمد منگي ميڊيا کي ٻڌايو واقعي جي جاچ ڪيون پيا وارثن جي بيان جاءِ واردات ۾ ٿيل واقعي جي نشانن ۾ فرق آهي، فوتي عورت تي 2 فائر جا نشان آهن ۽ واقعي واري ھنڌ رت جا نشان ۽ گولين جا کول نه ملي سگھيا آهن،  پوسٽ مارٽم جي رپورٽ بعد حقيقت معلوم ٿي سگھندي ھن چيو ته واقعي جي شفاف جاچ ڪئي ويندي آخري اطلاع تائين فوتي عورت جو ڪيس داخل ٿي نہ سگھيو آھي،

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں