دادوءَ ۾ سماجي تنظيم طرفان 120 معذور مردن ۽ عورتن متاثرين کي رقم ۽ ويل چيئر ڏنيون ويون

دادو(ڊ ر) انٽرنيشنل الخير فائونڊيشن جي چيئرمين امام قاسم رشيدجي هدايتن تي پراجيڪٽ مئنيجر قاضي وسيم قريشي، رانا فيصل حنيف، فيصل اقبال ۽ الخير فائونڊيشن جي ڊاڪٽر ٽيم ساڻ ڪري دادو، ڄامشورو جي 120 معذور مردن ۽ عورتن متاثرين کي نقد ڪيش ۽ ويل چيئر ڏنيون ويون وڌيڪ اڳواڻن ميڊيا سان ڳلهائيندي چيو ته سنڌ ۾ برسات ۽ ٻوڏ تباھي مچائي ڇڏي آھي خاص طور تي دادو ضلعي ۾ 80 سيڪڙو ماڻھن جو نقصان ٿيو آھي اسان جون ٽيمون پوري سنڌ  اندر  ڪم ڪري رهيون آھن متاٽر ٿيل  ماڻهن جي وڌ کان سهاتا ڪئي ويندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں