دولتپور صفن پوليس طرفان مختلف هنڌن تان ڏوهاري گرفتار ڪري هٿيار ۽ ڦر ٿيل موٽر سائيڪل هٿ ڪرڻ جي دعويٰ

دولتپورصفن(ن س) ڪجھ ڏينهن اڳ ۾ دولتپورصفن شهر مان عادل عباسي جي گهران تالا توڙي موٽرسائيڪل چور ڪاهي ويا، جنهن بعد دولتپورصفن پوليس جي عملدارن حبيب الله لانگاھ ، قربان ڪورائي کڙ ويندڙ لنڪ روڊ تي جوابدارن غلام قمبر زرداري ۽ گلزار عرف گلڙي ملاح کي ٻن پسٽلن سميت گرفتار ڪري ۽ عادل عباسي جي موٽرسائيڪل هٿ ڪئي ، جڏهن تہ هڪ جوابدار نثار اوٺو ، نويد ۽ سعيد ڀڄي ويا مذڪوره جوابدارن خلاف دولتپورصفن ٿاڻي تي پوليس مقابلا ، 13 ڊي جا ٽي الگ الگ  ڪيس داخل ڪيا ويا، جڏهن تہ دولتپورصفن پوليس جوکيا لنڪ روڊ دستگير ڪاٽن فيڪٽري ڀرسان چيڪينگ دوران عبدالرحمان ماڇي کي پسٽل سميت گرفتار ڪري سندس مٿان دولتپورصفن ٿاڻي تي ايف آء آر نمبر 15/2022 قلم تحت ڪيس داخل ڪيو، جڏهن تہ ڪنداھ ٿاڻي جي حد مان ڪنداھ ٿاڻي جي پوليس ٻن جوابدارن محمد هارون هوٿي پوٽو کي ڪلاشن ڪوف سميت گرفتار ڪيو ، جڏهن تہ مقصود پلي کي پسٽل سميت گرفتار ڪري سندن مٿان پوليس مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو ، هوڏانهن ڊي ايس پي دولتپورصفن عبدالواحد کوسو ، ايس ايڇ او دولتپورصفن وسيم احمد مرزا ۽ ڪنداھ ٿاڻي جي ايس ايڇ او قربان راڄپر دولتپورصفن ٿاڻي تي پريس ڪانفرنس ڪئي ، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي پوليس آفيسرن چيوتہ امن امان کي ڪنٽرول ڪرڻ لاء پوليس جوان رات ڏينهن گشت ڪن ٿا ۽ ڪنهن بہ ڏوهاري کي بخش نہ ڪيو ويندو .

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں