سجاول جي پرائمري اسڪول ۾ فرنيچر جي کوٽ، ٻارڙا پيٽ تي ويئي تعليم پرائڻ لڳا

سجاول (ڊ ر) سجاول جي پرائمري اسڪول ۾ فرنيچر جي کوٽ، ٻارڙا پيٽ تي ويئي تعليم پرائڻ لڳا آهن۔ سنڌ حڪومت پاران تعليمي ايمرجنسي جي دعوا، دعوا ئي رهجي وئي، سجاول شهر ۾ وڏي انگ ۾ شاگردن جي داخلا رکندڙ پرائمري اسڪول حاجي سبحان پنجابي ۾ فرنيچر جي کوٽ سبب شاگرد ۽ شاگردياڻيون پٽ تي ويئي تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، ان سلسلي ۾ اسڪول جي هيڊ ماستر رمضان ٻاگهل ۽ ٻين استادن موجب اسان ڪيترائي ڀيرا تعليم کاتي جي عملدارن کي اسڪول ۾ ڪيترن ئي سالن کان فرنيچر جي کوٽ جون شڪايتون ڪيون آهن، پر انتظاميا شڪايتن تي عمل ڪرڻ لاء تيار ناهي، هن چيو تہ اسڪول ۾ ٻين بہ سهولتن جي کوٽ آهي پر فرنيچر جي کوٽ سبب شاگردن جو پٽ تي ويئي تعليم حاصل ڪرڻ وڏي تڪليفن جو سبب آهي۔ هنن مطالبو ڪيو آهي تہ جلد کان جلد پرائمري اسڪول حاجي سبحان پنجابي کي فرنيچر ميها ڪري شاگردن ۽ استادن کي پريشاني مان نجات ڏياري وڃي۔

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں