سياست ۽ رياست جا مفاد

رياض ابڙو
ڀلي هي فوجي سربراه هليو به وڃي پر ڳالھ اڃان تائين نبري ناهي ته سياست فوج کان پري آ يا فوج سياست کان پري آ، ان ڪري جو جيئن مشرف جي دور ۾ سياست ۽ ڪورٽون ٻئي متبادل محاذن تي هيون پر انتها جي ڪوشش باوجود سياست يا رياست ڪورٽن تي حاوي نه ٿي سگهي ۽ اهي جسٽس ۽ اعلي عدالت عدالتون سياست کان مٿانهيون ٿي پنهنجا فيصلا ڪنديون رهيون ۽ ڪنديون رهنديون پر فوجي اسٽبلشمينٽ سياست جو اڻٽر حصو رهندي آئي توڻي جو 75 سال ان ڳالھ جي صفائيءَ ۾ نڪري ويا ته ”اسان جو سياست سان ڪو به بلا واسطا يا بل واسطا ڳاڍاپو ناهي (پر آهي) ان ڪري جو چونڊيل وزيراعظم ئي فوجي سربراھ کي چونڊي ٿو ۽ فوجي اسٽبلشمينٽ به ان ڳالھ جي صوابديد رکي ٿي ته هاڻي محبوبيت جو اعلان ڪنهن سان ڪري يا ڪيئن ممڪن ڪري، اها ڳالھ به واضع آ ته هاڻوڪي يا اڳين فوجي سربراهن کي وقت جي وزيراعظم پنهنجي مفاد کي مدِنظر رکي پاڻ چونڊيو يا انهن فوجي سربراهن کي ايڪسٽينشن ڏيندا آيا ۽ پنهنجي ڪرسي وري مضبوط ڪري ويٺا، ساڳي صوابديد هن وزيراعظم (شهبازشريف) جي حق ۾ به بيهي پئي ته هي به پنهنجا پير پختا ڪري ۽ رهيا کهيا سال (ٽائيم) آرام ۽ سياسي سڪون سان ڪڍي وڃي، پر اها ڳالھ وري به نبيري ۾ ناهي آئي ان ڪري جو هاڻوڪو فوجي سربراھ به انتها درجي جي سياسي پولرائزيشن (جنهن ۾ سياست سڌو سنئون ٻه اڌ لڳي پئي آ هڪ پاسي پروآمريڪن سوچ 13 پارٽيون ۽ ٻئي پاسي پي ٽي آءِ ان ڪري اهڙي ڪشمڪش واري ماحول ۾ آرمي چيف جي لاءِ وري اهڙي آزمائش اڻٽر هوندي) ان ڪري هر دفعي لڳندو ائين آ ته آرمي چيف کي وزيراعظم ٿو چونڊي پر وري شيون ابتيون ٿي وينديون آهن جو ائين لڳندو آ ته آرمي سربراه وزيراعظم کي ٿو چونڊي ان ڪري هاڻي به ساڳي ڳالھ وڃي ٿي بيهي ۽ سياسي طول ۽ مفادن کي درگذر نه ٿو ڪري سگهجي.
پر هيل تائين جيڪا سياسي گڙٻڙ رهندي آئي آ ان ڪري جو هرور ۾ فوجي سربراهن جي ڳالھ هر سياسي اڳواڻ پئي ڳائي آ ته هي جيڪي به اسٽبلشمينٽ وارا آهن (معني فوجي انتظاميا) اهي پنهنجي مرضيءَ جو اڳواڻ ٿا چاهن جيڪو چونڊجي به اچي پر هجي فوجي انتظاميا جي اثر هيٺ، ان ڪري ته پي ڊي ايم جي گجرانوالا واري جلسي ۾ جيئن نوازشريف عسڪري شخصن کي ڪنڊيم ڪيو هيو ان ٽائيم تي ائين لڳو هيو ته نوازشريف جي خلاف ڪا ڪاروائي ٿيندي ان ڪري جو ان شدت سان ان کان اڳ ڪنهن به ان طرح سياست کي اسٽبلسمينٽ سان سلهاڙي نه ڳالهايو هيو جيئن نوازشريف ۽ زرداري صاحب به ”اينٽ سي اينٽ بجا دون گا“ واري ڳالھ ۾ خوش فهم هيو ته هن وٽ الائي جي ڪهڙا راز هيا جنهن ۾ هن تي ڪنهن آڱر نه کنئي ۽ ڳالھ لئومٽئو ٿي وئي ۽ سياسي پنڌ اڃان به اڳتي هلندو ويو جو اهي ئي ماڻهو وري اسٽبلشمينٽ جي آشرواد ۾ اچي ويا يا انهن جي محبوبيت جو وقت اچي ۽ وري اقرارنامو ۽ تجديدون ٿي ويون ۽ اهي ئي جيڪي نظرن ۾ هيا سي “بلوآئيڊ بواءِ“ ٿي ويهي رهيا تان جو نيب جا قانون به جهڪا يا دفن ٿي ويا ۽ نون ليگ سميت پي پي جي درجن کن وزيرن کي رليف ملي ويو ۽ اسحاق ڊار سميت شهبازشريف به ڪيسن مان آجو ٿي ويو يا هاڻي عمران خان به ان ڳالھ تان لهي ويو ته جيئن وڻيوَ تيئن ڪيو يا عمران خان کي پڪ هئي يا هاڻي يقين ٿي ويو هيس ته جنرل باجوا کي ايڪسٽينشن نه ملندو ۽ هاڻي جيڪو ٻيو اچي يا نه اچي ته به ڇا، ان ڪري ته عمران خان جو مقصد ۽ ضد رڳو جنرل باجوا هيو، پر ڳالھ اها به آهي ته عوام ۾ جيڪو اميج عمران خان جي ڪري، جيڪو نوازشريف جي ڪري يا جيڪو زرداري جي ڪري عسڪري شخصن يا ادارن جو جڙيو يا دنيا ڏٺو يا جيڪو ثابت ٿيو ان جو ڇا ٿيندو؟ ان ڪري سوال اهو آ ته هاڻوڪي آرمي چيف جا هٿ ڪيترا صاف ۽ شفاف هوندا جو هن هيڏي ضد بحث ۽ ڪنٽرو ورشل سياسي ماحول ۾ ڪنهن آمري هيڊ جو چونڊجڻ به عسڪري ادارن جي اندر پولرائيزيشن جا نشان ڇڏيندو هوندو، ان ڪري اهڙي ماحول ۾ اسان وٽ هاڻي آهستي آهستي ئي کڻي صحيح پر سياست، عسڪري، قانون ۽ ڪورٽن ۽ عوام جا به ٻه واضع ڌڙا ٿي ويا آهن معني هڪ پرو آمريڪن ۽ ٻيو پروچائينا ـ رشيا، ان ڪري جو بيروني پاليسي اندروني پاليسي جي اثر ۾ ناهي رهي پر بيروني پاليسي اندروني پاليسيءَ کي هلائي ڦيرائي ٿي يا محتاج آهي ان ڪري ان شيءِ کان بچي نه ٿو سگهجي پر اها ڳالھ ڪنهن به طرح غلاميءَ جي زمري ۾ ناهي.
پر ڳالھ اها به زيربحث هجي ٿي ته فوجي اسٽبلشمينٽ جي ساک ۽ پبلڪ اميج هاڻي بگڙي ويو آ يا انهن جي مٿان نيوٽرل هجڻ يا نه هجڻ جون ڳالهيون به هلنديون رهيون (يا جن جي پاڻ تصديق به ڪندا رهيا) ان بحث ۾ عمران خان جي ڳالھ ڪجي ته هن همراه ڪرسيءَ تان لهڻ شرط رڳو ئي ڀڪ ٻاري ڏني ته فوج يا ته نيوٽرل آهي يا ساڳي ڳالھ ۾ عمران خان کي به ڪنڊيم ڪجي ته جڏهن هن سان سڀ ادارا ٺهيل هيا ته سڀ ڪجھ صحيح هيو هاڻي جي اهي هن کي اکيون ٿا ڏيکارن ته هي ڀڙڪي ٿو يا جڏهن عسڪري شخصن خان کي چونڊيو ۽ سياسي محبوب قرار ڏنس ته ان ٽائيم تي اهي نيٽرل هيا يا ان ڳالھ جو فيصلو ڪير ڪري يا هاڻي جڏهن خان کان ڪرسي کسي يا کسرائي وئي آ ته اهي سڀ ڳالهيون خان جي واتئون ٻاهر آيون ته اهي اسٽبلشمينٽ وارا سياست کي ڪيئن ٿا هلائن يا سياست اسٽبلشمينٽ کي ڪيئن ٿي هلائي يا شيون علي اعلان سامهون آيون پر عمران خان کي جڏهن بيروني پريشر وڌيو ته اهو ان ڳالھ تان به هٿ کڻي ويو ته رجيم چينج ۾ آمريڪا ملوث ناهي اها جمهوري ٽرانزيشن آ يا يا آرمي هيڊ جي سليڪشن تان به هٿ کڻي ويو پر آرمي جي پبلڪ اميج کي چوچڙي ڏئي ويو جيڪو نه ڪرڻ کپيس هان ان ڪري جڏهن هو سمجهي پيو ته اهي سڀ ڳالهيون ڪنهن اندروني ۽ بيروني اثر هيٺ هلن ٿيون ته هلن ڀلا هاڻي جي هي سڀ ڪجھ ٿئي ٿو ته ڇا سڀاڻي مداخلتون نه ٿينديون يا جيستائين نون ليگ آهي ته ڪجھ نه ٿيندو يا نون ليگ جي حڪومت نه هوندي ته سڀاڻي اها نيوٽريلٽي ڪٿي دنگ ڪندي يا بيرپني پريشر نه هوندا يا هاڻي ناهن، ان ڪري سياسي، عسڪري ۽ قانوني چاراگيري ڪري شيون يا مرڪزي ڪجن يا غيرمرڪزي (سينٽرلائيزڊ يا ڊي سينٽرلائيزڊ) پر جڏهن اهي ئي سياسي اڳوڻ مٿي ٿا اچن يا ڪنهن طرح يا ڪمپرومائيز تحت چوندجي ٿا اچن ته سوال وري رهجي ٿو وڃي ته جيڪو جنهن جو پروفيشن آ اهو اها ڳالھ ڪري، جنهن تحت آرمي سربراهن جو پبلڪ اميج بحال ٿي سگهي، يا ميڊيا پولنگ ڪجي ته ڳالھ سامهون اچي ويندي ته سياست جو اميج ڇاهي، چيف جسٽس جو اميج ڇاهي عسڪري شخصن جي سياسي ۽ سماجي اميج بلڊنگ ڪيئن ٿي ٿئي يا فوجي اسٽبلشمنيٽ جو ڪم ڇاهي يا ڇا ٿي ڪري، ان ڪري هاڻوڪي ايندڙ آرمي چيف جي لاءِ کوڙ سوال رهجي ٿا وڃن ته هاڻي اهي شيون ۽ عوامي اميج ڪيئن بحال ڪندو يا نوازشريف جي ٽيم اهو سڀ ڪجھ ڪهڙي اميد رکي ٿي ڪري مثال جيئن نومبر 2019 ۾ خان پاڻ ان آسري ۽ اميد سان باجوا صاحب کي ايڪسٽينشن ڏياريو هيو ته جيئن خان محفوظ رهي سگهي يا ساڳي اميد ۽ آسرو هاڻي نوازشريف جي ٽيم به ڪري ڇو ته نوازليگ اهو سڀ ڪجھ ڪري پنهنجي ايندڙ سياسي استقامت محفوظ ڪئي آ.
پر ڳالھ ملڪ جي بنيادي انفرا اسٽرڪچر جي به آهي ته هيل تائين جيڪي به ايڪسٽينشن، آئين، آرٽيڪل، شقون ۽ قانون جوڙيا ويا آهن اهي ائين ئي هيا ڄڻ قانون ڪو آلو لڪڻ هجي ۽ جيڪو به اچي ٿو اهو پنهنجي ڪرسيءَ جي طول وڌائڻ جي لاءِ ويٺو ترميمون ڪري، هڪڙو 33بل ائين اک ٻوٽ ۾ پاس ڪري هليو ٿو وڃي ته ٻيو (پي ٽي آءِ) نيب جي قانون کي پنهنجي مفاد ۾ هلائيندو رهيو ته جيئن نيب ان سياسي پارٽيءَ جي بي ٽيم ٿي ڪم ڪري وري ٻي سياسي پارٽي (نون ليگ) ٿي اچي ته اها سمجهي ٿي ته نيب جا قانون ائين نه هجن هيئن هجن يا ٻيا وري فرمائش ٿا ڪن ته آرمي ايڪٽ ۾ ڪجھ ترميمون ممڪن ڪجن ان ڪري ته هاڻوڪي سياسي مجبورين ۾ قانون، آئين، آرٽيڪن ۾ ترميمون اشد ضروري آهن ان ڪري ان ڳالھ جو فيصلو ڪير ڪري ته ڪهڙا قانون ڪنهن جي مفاد آهن ۽ ڪهڙا قانون ڪنهن جي ۾ ناهن، پر قانون سازي ملڪ جي لاءِ الهامي قانون جهڙي حيثيت حاصل رکي ته هوند ڪير به ان قانون کي نه ٽوڙي ۽ ٽوڙڻ وارن جي سزا به انفرادي هجي يا اها سزا تاريخي مثال مرتب ڪري جو ڪنهن به سياسي پارٽي جو دم نه هجي ته اهي ترميمون ڪري سگهن ان ڪري ته سياست رڳو سياري جي باھ آ جيڪو هر ڪو پاڻ ڏي ويٺو ٿو سوري، ان ڪري هتي سياست رڳو پنهنجي ذاتي مفادن واري آ ۽ قانون به رڳو سياستدانن جو پاڻ کي بچائڻ ۽ محفوظ ڪرڻ آ.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں