قمبر – شهدادڪوٽ ضلعي اندر ٻوڏ جي بيٺل پاڻيءَ کي نيڪال نه ڪرڻ خلاف آبادگارن ۽ هارين جو ڌرڻو

لاڙڪاڻو(رپورٽ:اڪبر آزاد ھيسباڻي) قمبر – شهدادڪوٽ ضلعي اندر ٻوڏ جي بيٺل پاڻيءَ کي نيڪال نه ڪرڻ، بلوچستان سميت ڀروارن جيڪب آباد، شڪارپور ۽ ڪشمور ضلعن جو ٻوڏ وارو پاڻي ڪئنالن، برانچن ۽ شاخن ذريعي قمبر شهدادڪوٽ ضلعي ۾ ڇوڙ ڪرڻ ۽ آبادگارن کي ڪڻڪ جي پوکائي لاءِ ٻج جي اعلانيل سرڪاري رقم جاري نه ڪرڻ خلاف سنڌ آبادگار بورڊ ۽ جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي گڏيل سڏ تي آبادگارن، ھارين ۽ سڄاڻ علائقي واسين مختلف گاڏين تي سوار ٿي ريليءَ جي صورت ۾ لاڙڪاڻي جي ڪمشنر آفيس اڳيان پھچي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. احتجاج ڪندڙن ھٿن ۾ بئنر ۽ پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي ڪئي. جتي سنڌ آبادگار بورڊ جي ضلعي صدر عبدالخالق کوسو، لاڙڪاڻي ضلعي جي صدر عرفان جتوئي، ايوان زراعت جي صدر سراج راشدي، خالد عمر کوسو، حبيب الله جروار، ذوالفقار جمالي، جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻ وھاب پندراڻي، عرس سيلرو، غلام الله سيلرو، قادر بخش سيلرو ۽ ٻين چيو ته بدقسمتي ۽ حڪومتي نااهلي سبب تازو ھڪ ئي وقت قمبر شهدادڪوٽ ضلعو 3 ڀيرا ٻوڏ جو شڪار ٿيو، پھرين برساتي ٻوڏ، ٻئي آبپاشي نظام جي تباهي سبب آيل ٻوڏ ۽ ٽئين ٻين صوبن ۽ ضلعن جو پاڻي اسان جي ضلعي ۾ نيڪال ڪرڻ سبب آندل ٻوڏ آهي جيڪي ٻوڏون اڃا تائين برقرار آهن ۽ ضلعي جا ڪيترائي علائقا توڙي ٻنيون ٻارا لاڳيتو چئن مھينن کان پاڻي ھيٺ آهن سنڌ حڪومت ۽ ڊويزنل توڙي ضلعي انتظامي عملدارن ڪو نوٽس نه ورتو آهي نتيجي ۾ اسان تمام وڏي تباهي ڀوڳي رهيا آهيون. ٻاھرين ضلعن کان ٻوڏ جو پاڻي اسان ڏانهن موڪلڻ ڪري سمورو آبپاشي نظام تباهه ڪيو ويو آهي. ھنن چيو ته فوري طور اسان جي ضلعي ۾ بيٺل پاڻي نيڪال ڪرائي ٻين ضلعن کان پاڻيءَ جي ٿيندڙ ڇوڙ کي بند ڪرايو وڃي. ڪئنالن، برانچن توڙي شاخن مان ڇوڙ وارو پاڻي ختم ڪرائي انھن کي لڳل سمورا ڪٽ بند ڪرايا وڃن. جن علائقن مان پاڻي نڪري چڪو آهي انهن کي ڪڻڪ جي فصل جي پوکي لاءِ ٻج جي رقم فراھم ڪئي وڃي ۽ امدادي ڪم شروع ڪرڻ لاءِ غير سرڪاري تنظيمن ۽ ادارن کي بنا ڪنهن رنڊڪن جي اجازت نامه جاري ڪيا وڃن. ٻئي صورت ۾ احتجاج کي جاري رکيو ويندو. 

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں