قمبر ۾ پاڪ فوج جي حمايت ۾ مغيري اتحاد پاران ريلي ڪڍي وئي

قمبر(ڊ ر) قمبر ۾ مغيري اتحاد پاران پاڪ فوج جي حمايت مير همايون خان مغيري جي اڳواڻي ۾ مغيري هائوس کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي هٿن ۾ پاڪستان جا جهنڊا کڻي شهر جي مختلف روڊن رستن کان ٿيندي پريس ڪلب پهچي پاڪ فوج زنده آباد پاڪستان زنده باد جا نعرا هڻي رهيا هئا ان موقعي تي اڳواڻ مير همايون خان مغيري،دائود احمد مغيري،رئيس ادريس مغيري،علي بخش مغيري ۽ ٻين چيو ته پاڪ فوج ملڪ قوم لاءِ هميشه وڏيون قربانيون ڏنيون آهن پاڪ فوج آهي ته پاڪستان آهي ڪجهه شرپسند پاڪ فوج خلاف ڪوڙي پروپئگنڊا ڪري رهيا آهن اسين اهڙي عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا ڪجهه عناصر پاڪ فوج خلاف بڪواس ڪن ٿا انهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں