لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) اسسٽنٽ ڪمشنر لاڙڪاڻو شاهده پروين عوامي شڪايتن جو نوٽيس وٺندي شهر جي چانڊڪا پل، وي آءِ پي روڊ، لاهوري محلا روڊ، شيخ زيد موڙ سميت ٻين علائقن ۾ قائم پئٽرول پمپن جو دورو ڪيو جتي هن پئٽرول جي ماپ ۾ گهٽتائي ۽ گهٽ مقدار پئٽرول وڪرو ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي پئٽرول پمپ مالڪن مٿان 80 هزار روپيه ڏنڊ وجهي کين سختيءَ سان هدايتون جاري ڪيون. ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر شاهده پروين ٻڌايو ته عوامي شڪايتن تي اهڙي قسم جون ڪاروائيون ڪري پئٽرول پمپ جي مالڪن کي سختيءَ سان هدايت ڪئي وئي آهي ته هو طئي ڪيل ماپ ۽ مقدار تحت شهرين کي پئٽرول جي وڪري کي يقيني بڻائن ٻي صورت سندن خلاف سخت ڪاروائي ڪري پئٽرول پمپن کي سيل ڪري لائسنس معطل ڪيا ويندا.
