نوابشاهه ۾ پڊعيدن جي رهواسين جو ڌيءُ جا قاتل گرفتار ڪرڻ لاءِ احتجاج

نوابشاهه(ڊ ر) پڊعيدن جي علائقي پير صادق جي رھواسي ڀيل برادري جي بابو ڀيل، پنھنجي گھر واري حڪميان، پٽن مٺو، بالم ڀيل ۽ ڀاءُ چيتن سان گڏ ڌيءَ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪندي دانھيون آھي ته ھڪ سال اڳ ۾ منھنجي ڌي شرمتي اندرا ڀيل جي شادي سٺ ميل جي 4 چڪ ريگيولر اسٽاف جي رھواسي برادري جي ڀاڳو مل سان ٿيل ھئي، ھن چيو ته ھڪ مھينو اڳ منھنجي ڌيءَ جا ماما سندس جي گھر سامان کڻي ويا ته ان جو مڙس ڪاوڙجي پيو ته ڌاريا گھر ۾ ڇو گھرايا ٿئي جنھن بعد ان منھنجي ڌيء کي گهٽو ڏئي قتل ڪري ڇڏيو بعد ۾ چيو ته ان خودڪشي ڪئي آھي، ھن چيو ته منھنجي ڌي خودڪشي نه ڪئي آھي پر ان کي قتل ڪيو ويو آهي، ھن چيو ته اسان سٺ ميل پوليس وٽ ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ وياسين ته ان اسان جو ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ اسان کي مختلف طريقن سان ھيسائيندا رھيا ته جئين اسان ڪيس تان ھٿ کڻون، ھن چيو ته اسان ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪيو آھي ۽ عدالت جوابدار جي ضمانت به رد ڪئي آھي ليڪن پوليس پوءِ به جوابدار کي گرفتار نٿي ڪري، ھن مطالبو ڪيو ته منھنجي ڌيءَ جي قاتلن کي گرفتار ڪري انھن کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں