هاڻ عمران خان جو امتحان شروع ٿي ويو، هو اهم اداري کي مضبوط بنائي ٿو يا تڪراري: خواجه آصف

اسلام آباد (بيورو) دفاع واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته آرمي چيف جي مقرري تي وزيراعظم جي سمري هاڻ عمران خان جو امتحان آهي. هو هاڻ ملڪ جي اهم اداري کي مضبوط بنائڻ چاهي ٿو يا تڪراري. دفاع واري وزير خواجه آصف اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته ليفٽيننٽ جنرل سيد عاصم منير کي آرمي چيف مقرر ڪيو ويو آهي ۽ اهم مقررين بابت سمري صدر عارف علوي ڏانهن اماڻي وئي آهي. هن چيو ته قانون ۽ آئين جي تحت سمورا معاملا طئي ٿي ويندا ۽ آئيني اداري کي تڪراري نٿا بنائڻ چاهيون. آرمي چيف جي مقرري بابت مان وڌيڪ ڪي به تفصيل ٻڌائي نٿو سگهان. ان معاملي بابت سمري وزيراعظم آفيس طرفان جاري ڪئي وئي آهي. قانون ۽ آئين موجب سمورا معاملا طئي ٿي ويا آهن. اسان کي اميد آهي صدر عارف علوي ڪوبه تڪرار پيدا نه ڪندو. خواجه آصف چيو ته هن معاملن کي سياسي نظر سان نه ڏسڻ گهرجي. آرمي چيف جي مقرري بابت وزيراعظم جي سمري کي قانون ۽ آئين موجب ڏسڻ گهرجي. صدر عارف علوي اهو فيصلو سياسي ايڊوائس تحت نه ڪري.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں