پيپلز پيرا ميڊڪل اسٽاف طرفان پي پي جو يوم تاسيس ملهائڻ جو اعلان

ڪراچي(بيورو ) آل سنڌ پيپلز پيرا ميڊڪل اسٽاف ڪراچي ڊويزن جو اهم اجلاس ڊفينس ويو هيڊ آفيس ۾ ڪراچي ڊويزن جي صدر نياز احمد خاصخيلي جي صدارت ۾ ٿيو آهي. اجلاس ۾ پيپلز پارٽي جي 55هين يوم تاسيس جي تيارين ۽ ڀرپور نموني سان ملهائڻ جي حوالي سان غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس ۾ ڪراچي ڊويزن جي صدر نياز احمد خاصخيلي ڳالهائيندي چيو ته پيپلز پارٽي پاران يوم تاسيس پوري ملڪ ۾ ڊيزن سطح تي ملهائڻ جو اعلان ڪيو هو. پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي جي هر حڪم کي لبيڪ چونداسين ۽ ڪراچي جي نشتر پارڪ ۾ 30 نومبر تي پيپلز پارٽي جي 55 هين يوم تاسيس ڀرپور نموني ملهايو ويندو. سندس چوڻ هو ته ڪراچي ڊويزن مان آل سنڌ پيپلز پيرا ميڊيڪل جا ڪارڪن توڙي اڳواڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪندي. سندس چوڻ هو ته آل سنڌ پيپلز پيرا ميڊيڪل اسٽاف ڪراچي ڊويزن پاران 8 ڊسمبر تي آرٽس ڪائونسل ۾ سنڌي ثقافت ڏهاڙي جي تقريب منعقد ڪئي وئي آهي جنهن ۾ سنڌ جي راڄ ڌاني شهر ڪراچي ۾ رهندڙ سنڌي ڀائرن ڀينرن کي سنڌي ثقافت تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ جي دعوت ڏجي ٿي . ان موقعي تي صوبائي صدر سليمان ميمڻ ڳالهائيندي چيو ته 30 نومبر تي نشتر پارڪ ۾ يوم تاسيس جي ڏهاڙي تي پيراميڊيڪل جا هزارين ڪارڪن شرڪت ڪندا. ۽ نشتر پارڪ ۾ ميڊيڪل ڪئمپون به لڳايون وينديون سندس چوڻ هو ته 8 ڊسمبر تي سنڌي ثقافتي ڏهاڙو ملهايو ويندو. جنهن ۾ صوفي فنڪار ۽ محفل موسيقي به ڪرائي ويندي. اجلاس ۾ ڊائو يونيورسٽي جي پيرا ميڊيڪل عملي آل سنڌ پيپلز پيرا ميڊيڪل اسٽاف ۾ شرڪت جو اعلان ڪيو جنهن کي نوٽيفڪيشن ڏنا ويا. چونڊيل عهديدارن کي سنڌي ثقافت جا اجرڪ ۽ ٽوپيون پارايون ويو اجلاس ۾ قائم جوکيو. بلال شيخ ناصر خان. نظير قادري. آصف خان بلوچ ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں