پکو ۾ برسات متاثرن جو واهر نه ٿيڻ تي يوسي چيئرمين خلاف احتجاجي مظاهرو

پکو(ن س) پکو ۾ برسات متاثر ڳوٺاڻن جو يوسي چيئرمين خلاف احتجاج ڪري راشن ۽ ٻيو سامان ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ان ڏس ۾ برسات متاثرن مولوي اختيار علي چانڊيو جاويد علي واجد علي راحب علي بخشل ۽ محمد سليم چانڊيو پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي چيو ته ٻن مھينن کان کليل ميدان تي ويٺا آھيون ھن وقت تائين ڪنھن سرڪاري عملدار توڙي تڪ جي چونڊيل نمائندن ڪا واھر ناھي ڪئي اسان جا گھر ٻڏي ويا فصل لڙھي ويا کائڻ پيئڻ جو اناج ختم ٿي ويو اسان وٽ ڪو به لڙي ناھي آيو يوسي چيئرمين ماجد مڱڻ ڪارڊ وٺي ويو پر راشن نه مليو آھي متاثرن چيو ته تڪ جا چونڊيل نمائنده ھُجن يا يوسي خيرپورجوسو چيئرمين ماجد مڱڻ ھُجي سڀ پنھنجا پيٽ ٿا ڀرين امدادي راشن جون ٽرڪون اسان لاءّ ڀرجي آيون پر ھُنن اسان غريبن کي راشن ڏيڻ بجاءّ پنھنجن بنگلن ۾ لھرائي ڇڏيون آھن ۽ اسان جو ڪنھن کي به فڪر ناھي آخر ۾ متاثر ڳوٺاڻن سنڌ حڪومت کان راشن خيما ۽ ٻئي سامان ڏيڻ جو مطالبو ڪيو .

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں