ڪميونٽي مينٽل هيلٿ پروگرام جي اصل ڪهاڻي

پروفيسر ڊاڪٽر بدرالدين جوڻيجو
تازو هڪ اردو اخبار ۾ ”ڪميونٽي مينٽل هيلٿ پروگرام’ شروع ڪرڻ بابت هڪ اشتهار چپيو آھي. جنهن ۾ عارضي بنيادن تي نوڪريون ڏيڻ تي ان ذھني صحت جي پروگرام کي سنڌ ۾ شروع ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي ويئي آھي. اها آھي ته سنڌ حڪومت جي نوٽيفڪيشن تحت 8.6.2022 يعني جولاء 2022 تي منظور ڪيل هي اشتهار ڄاڻي واڻي 5 مهينا دير ڪري هاڻي نومبر ۾ ڇپيو ويو آھي. ظاهر آھي ان جي ڪو مقصد آھي. دراصل قصو وڏو آھي ۽ جڏهن اهو پانڊوراباڪس کليو ته سڀ پتا پڌرا ٿي پوندا. هي پروگرام شهيد بي نظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي هڪ پروفيسر ۽ ڊين فيڪلٽي آف ميڊيسن اينڊ الائيڊ سائنسز طرفان پي سي 1 ۾ ٺاهي ڪجهه سال اڳ ڏنو ويو هيو. ان جو مقصد اهو هيو ته ٻھراڙي جي ماڻھن کي ذھني صحت جي وڌيڪ سهولت ڏيئي سگهجي۔ اهو غالبن سنڌ جو ۽ پوري پاڪستان جو پهريون پروگرام هيو جيڪو شهيد بي نظيرڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي معرفت پهل قدمي ڪري شروع ڪيو ويو ته جيئين سماج ۾ ذھني صحت جي خدمتن جي وٿي کي بهتر ڪري عوام کي لاڀائتو ڪري سگهجي. هن پروگرام جي پي سي 1 جي مکيه ڊاڪيومينٽ جنهن جي بنياد تي اهو پروگرام منظور ٿيو ۾ لکيل آھي ته اهو پروگرام لاڙڪاڻي ڊويزن کان شروع ڪيو ويندو ،انجو مکيه مرڪز شهيد بي نظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي هوندي. ان جي ٽيچنگ اسپتال جي ڀرسان هڪ وڏي بلڊنگ خالي ڪرائي ان لاء مخصوص ڪئي ويئي آھي. ڊاڪيومينٽ ۾ هڪ سماجي تنظيم کان تعاون جي به ڳالهه ٿيل آھي ۽ پهرين ڏاڪي ۾ لاڙڪاڻي ڊويزن جي ضلعن ، تعلقن ۽ بنيادي صحت مرڪزن جي طبيبن ۽ ٻئي اسٽاف کي ذھني صحت جي سکيا ۽ مريضن کي علاج ، شعبه نفسيات کي مرڪز ڪرڻ ۽ ان سان گڏ رتوديرو ،باڪراڻي’ ڏوڪري، قمبر ،لکي ،شڪارپور ۽ جيڪب آباد اسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز کي ڳنڍڻ ۽ ٽي ڏاڪي تي يونيورسٽي جي ٻين شعبن کي ڳنڍڻ جنهن ۾ نيورولاجي شعبو ،انٽرنل ميڊيسن، لال بتي جو شعبو يا ٽراماسينٽر ،ڪميونٽي ميڊيسن جو شعبو ۽ پرائيويٽ شعبي يا سيڪٽر کي به ڳنڍڻ هيو. ان کان سواءِ 500 ڊاڪٽرن ،ٻئي سٽاف ۽ ڪميونٽي ورڪرن کي سکيا ڏيڻ ھيو. ۽ ائين انجي جي معرفت سنڀال ڪرڻي هئي. پر ٿيو ڇا ان سموري ڳالهه تي پاڻي ڦيريو ويو. هڪ اشتهار پورا 6 مهينا ڄاڻي واڻي ليٽ آيو ،ٻيو ان ۾ قانون مطابق ۽ پي سي 1 مطابق لاڙڪاڻي ۾ پائليٽ پروگرام جو ذڪر اشتهار ۾ گم ڪيو ويوته جيئين اتان ان جي شروعات ئي نه ڪري سگهجي. صحت کاتي سنڌ طرفان آيل ايڊورٽائيزميٽ ”ڪميونٽيمينٽل هيلٿ پروگرام سنڌ” بابت اصل حقيقت اها به آهي ته جنهن ڪميٽي کي اها ايڊورٽائيزمينٽ ڪرڻي آھي. ان جي ڪا به ميٽنگ سڏائي نه وئي پر بااثر ڪامورن پنهنجا غلط اختيارات استعمال ڪيا. ذريعن کان اهو به معلوم ٿيو آھي ته جيڪا ايڊ ورٽائزمينٽ پي سي 1 مطابق ڪرڻي هئي ان کي تبديل ڪري هڪ بااثر ڪامورو من پسند ماڻھو مقرر ڪرڻ چاهي ٿو ۽ ان کي لاڙڪاڻي ڊويزن کان ٻاهر ڪڍي هتان جي ماڻھن لاء ذھني مشڪلاتون وڌائي سگهجي ٿو. سنڌ جي عوام ۽ سول سوسائٽي جومطالبو آھي ته ان ايڊورٽائيزمينٽ کي فوري طور ڪينسل ڪيو وڃي ۽ نامزد ڪيل ڪميٽي کان سواء اهڙي ايڊورٽائيزمينٽ ۽ بعد ۾ اهڙيون ڀرتيون غير قانوني تصور ڪيون وينديون ۽ اها سنڌ جي ماڻھن ۽ خصوصن لاڙڪاڻي ڊويزن جي اهل ماڻھن سان نا انصافي هوندي. اسان جو مطالبو آھي ته ان معاملي جي شفاف ۽ غير جانبدار جاچ ڪري اصل حقيقي ايڊورٽائيزمينٽ ھٿ ڪري انهن ئي علائقن جا اميدوار ڀرتي ڪيا وڃن جن جو ان ۾ ذڪر ڪيل آهي. اهو پروگرام اتان ئي شروع ڪيو وڃي جنهن جو پي سي 1 ۾ ذڪر ڪيل آھي. ٻي حالتن ۾ ماڻھو جدوجهد ۽ ڪورٽ جو رستو اختيار ڪندا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں