ڪوٽڙي(ن س) ٽيليگراف پوليس پوسٽ انچارج اياز احمد ابڙو جو ڪارنامو يتيم نينگر تي بدترين تشدد جو نشانو ڪوٽڙي سائيٽ ٿاڻي جي حد ٽيليگراف پوليس پوسٽ جي انچارج اياز احمد ابڙو ۽ پوليس اهلڪار اصغر لنڊ انسانيت جا سمورا ليڪا لتاڙي ڇڏيا يتيم معصوم نينگر بلال گۡجر کي موبائيل چوري جو ڪوڙو الزام لڳائي سڄي رات بدترين تشدد جو نشانو بڻاڻي هڪ هٿ ڀڃي ڇڏيو نينگر جي حالت ڳڻتي جوڳي ٿي وئي ڪوٽڙي سائيٽ جي سڪندر آباد جو رهواسي يتيم پورهيت نينگر بلال گۡجر کي ٽيليگراف پوليس پوسٽ انچارج اياز احمد ابڙو ۽ پوليس اهلڪار اصغر لنڊ وحشياڻو بدترين تشدد جو نشانو بڻائي هٿ ڀڃي ڇڏيو پورهيت جي حالت ڳڻتي جوڳي ۾ بلاول ميڊيڪل اسپتال ڪوٽڙي منتقل ڪيو ويو جتي ڊاڪٽرن علاج ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو
