جيڪب آباد(رپورٽ:صاحب خان چانڊيو) جيڪب آباد ۾ پاڪ فوج جي حمايت ۾ ريلي ڪڍي وئي اڳواڻي صحافي حاڪم علي ايري جي اڳواڻي ۾ ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب جيڪب آباد کان ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ محب وطن پاڪستانين ۽ شھر واسين ھزارين جي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ريلي ۾ ماڻهن موٽر سائيڪلن تي سوار هزارين سموري شھر ۾ مارچ ڪيو ريلي ۾ شريڪ ماڻهن پاڪستان زنده باد پاڪ فوج زنده باد جا نعرا بلند ڪيا ريلي شهر جي مختلف رستن تان ٿيندا ڊي سي چوڪ تي پهتي جتي ريلي جلسي جي صورت اختيار ڪري وئي.ان موقعي تي اڳواڻي صحافي حاڪم علي ايري عبدالسميع سومرو،۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان اسان جو شان ۽ مان آهي،پاڪ فوج هميشه بيروني ۽ اندروني دشمنن سان مهاڏو اٽڪائي پاڪستان جي حفاظت ڪئي آهي،هنن چيو ته پاڪ فوج پاڪستان جي بقا ۽ بلندي لاءِ لازوال قربانيون ڏنيون آهن،اسين سرحدن تي شهادتون ماڻيندڙ انهن جوانن کي سرخ سلام پيش ڪرڻ لاءِ نڪتا آهيون، هنن چيو ته پاڪستان ۽ پاڪ فوج جا دشمن ڪن کولي ٻڌي ڇڏين ته جڏهن به اسان کي پاڪ فوج جو سڏ ٿيو ته اسين سڀ کان اڳڀرا هونداسين.
