دادوءَ ۾ نينگر کي زخمي ڪندڙ جوابدار جي گرفتاريءَ لاءِ وارثن جو احتجاج

دادو(ڊ ر) دادو لڳ موندر ٿاڻي جي حد ڳوٺ مريد جا ڀاڻ ۾ ٻن ڀائرن جعفر عرف ڪوڙو شاھاڻي ۽ خان شاھاڻي وچ ۾ ملڪيت جي تڪرار تان جھيڙي ۾ 7 سالا معصوم نينگر شيفع محمد پٽ علي محمد شاھاڻي کي گولي لڳڻ وارو مامرو، جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف نينگر جي وارثن پيءُ علي محمد شاھاڻي، علي گوھر شاھاڻي، ماءُ مسمات زرينه شاھاڻي احتجاجي مظاھرو ڪيو ۽ موندر پوليس خلاف سخت نعري بازي ڪندي دانھيو ته ٻن ڀائرن وچ ۾ ٿيل جھيڙي جي فائرنگ ۾ گولي لڳڻ سبب اسان جو 7 سالا معصوم پٽ شفيع محمد زخمي ٿي پيو ھيو،  جنھن جي ايف آءِ آر اسان موندر ٿاڻي تي داخل ڪرائي ھئي، 4 ڏينھن گذرڻ باوجود  ايس ايڇ او رزاق پنھور جوابدار گرفتار نہ ڪيا، جوابدار ڪيس تان ھٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن ھنن پوليس اختيارين کان مطالبو ڪيو ته جوابدار جعفر عرف ڪوڙو شاھاڻي ۽ ٻين کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ ايس ايس پي دادو آفيس آڏو احتجاج ڪيو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں