روھڙي(ن س) روهڙي ويجھو دبر ٿاڻي جي حد ۾ گذريل ڏينهن جاگيراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي سڱاوتي تان ٿيل جھيڙي واري واقعي کانپوءِ ڳوٺ محمد حسن جاگيراڻي جي رھواسين محمد صيفل جاگيراڻي،، ڀورو جاگيراڻي، مانجھي خان، وارث علي جاگيراڻي، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪندي الزام هنيو آهي ته مخالف ڌر جي ماڻهن اڳرائي ڪندي رستي ويندڙ محمد صيفل جاگيراڻي کي سخت لٺيون ھڻي زخمي ڪيو ۽ ان سان گڏ ويندڙ 12 سالن جي پٽ غلام مصطفيٰ کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي جنهن جو ھن محل تائين ڪو به ڏس پتو ناهي پئجي سگهيو. مخالف ڌر اسماعيل جاگيراڻي کي پاڻ زخمي ڪري ۽ اسان کي ڦاسائڻ جو ڊرامو رچايو آهي مظاهرين چيو ته نينگر جي گم ٿيڻ جو پوليس کي به اطلاع ڏنل آهي اسان کي خدشو آهي ته مخالفن نينگر کي قتل نه ڪري چڏيو ھجي، مظاهرين آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي ۽ ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو آهي ته گذريل ڏينهن واري ٿيل جھيڙي جو نوٽيس وٺي اسان جو گم ٿيل معصوم نينگر بازياب ڪرائي مخالفن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي
