نيويارڪ (رپورٽ: خاص عيوضي) سانا جي چونڊن ۾ خاص ڪري اسان جي غلام محي الدين ميمڻ مورائي پئنل پاران گهڻي تعداد ۾ عورتن کي جنرل سيٽن تي اميدوار طور بيهارڻ کي مان سنڌي عورت جي فتح قرار ڏيان ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا جي چونڊن ۾ غلام محي الدين ميمڻ مورائي پئنل پاران اهم عهدي جنرل سيڪريٽري لاءِ اميدوار بڻيل ارم قلباڻي “روزاني سنڌ” سان ڳالهائيندي ڪيو. هن پنهنجي اميدوار هجڻ جي حوالي سان ٻڌايو ته اسان جو خاندان گهڻي عرصي کان سانا سان لاڳاپيل رهيو آهي ۽ مون گذريل ٻن سالن ۾ نائب صدر رهي ليڊرشپ جو تجربو حاصل ڪيو آهي. هن چيو ته اسان گهڻو ڳالهائيندا نه آهيون، پر عملي طور ڪم ڪرڻ کي ترجيح ڏيندا آهيون. هن چيو ته اهو غلط آهي ته اسان جي موجوده باڊي گهڻو ڪم نه ڪيو ۽ اسان تمام گهڻا ۽ سٺا ڪم ڪيا پر ڪميونيڪيشن نه هجڻ سبب ظاهر ٿي نه سگهيا، ان ڪري هاڻي اسان جي ٽيم ۽ خاص ڪري مون پنهنجي پروگرام ۾ اهو رکيو آهي ته سڀ کان پهرين ڊاڪيومينٽيشن ڪنداسين. ڪم ڪرڻ جو پلان ٺاهينداسين، ٽارگيٽ مقرر ڪنداسين ۽ انهن تي چيڪ رکنداسين ۽ هر ڪم وقت سر مڪمل ڪنداسين. هن گذريل ٻن سالن جي باري ۾ ٻڌايو ته ڪورونا سبب ڪم متاثر ضرور ٿيو، فنڊ گڏ ڪرڻ ۾ تڪليف آئي، ان جي باوجود 2022ع ۾ ڪامياب ڪنوينشن واشنگٽن ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ ناليوارا مقرر شريڪ ٿيا. سنڌ ۾ ٻوڏ ۾ تڪليف هيٺ آيل ماڻهن لاءِ هڪ لک ڊالر جو فنڊ گڏ ڪيو ويو. ڪلچر ڊي ملهايو ويو، سنڌ ۾ ميڊيڪل ڪئمپون هنيون ويون. عورتن لاءِ خاص طور تي ڪم ڪيوسين، خاص ڪري وومين ڪائونسل جوڙي وئي. ارم قلباڻي ٻڌايو ته ناظم جوکيو جي قتل خلاف آواز اٿاريو ويو، ان سان گڏ فنڊ گڏ ڪري سندس زال کي پهچايو ويو. جاويد ڀٽو جي قتل خلاف آواز اٿاريو ويو. هن چيو ته اسان جي لاءِ غلط پروپئگنڊا ڪئي وئي آهي. ڪامياب ٿي اچڻ جي صورت ۾ نارٿ آمريڪا ۽ سنڌ ۾ رهندڙ سنڌين بابت پنهنجو پروگرام ظاهر ڪندي ارم قلباڻي چيو ته هاڻي سمورا ڪم ڊاڪيومينٽ ٺاهي ڪنداسين. پهريان هر عهديدار انفرادي طور ڪم ڪندا هئا، هاڻي گڏيل طور گروپ ٺاهي ڪم ڪنداسين. هر معلومات سمورن ميمبرن تائين پهچائينداسين. سمورن اسٽيڪ هولڊرن سان رابطو وڌايو ويندو. هن چيو ته سنڌ ۾ سڀ کان وڏو مسئلو بيروزگاري آهي، ان لاءِ گهٽ پڙهيل ماڻهن کي هنري سکيا ڏيارڻ تي توجهه ڏينداسين. جيڪي ماڻهو ملڪ کان ٻاهر اچڻ جي خواهش رکندا هوندا، انهن جي قانوني مدد پڻ ڪنداسين. سنڌ جي ٻهراڙين مان ڪراچي ۽ حيدرآباد ايندڙ خاص ڪري نياڻين جي رهائش لاءِ هاسٽل قائم ڪرڻ ۽ هلائڻ جي ڪوشش ڪنداسين. ارم قلباڻي چيو ته سندس ٽيم ۾ شامل سمورا اميدوار خدمت ڪرڻ جو جذبو رکن ٿا ۽ انهن کي ووٽ ڏيڻ جي اپيل ڪندي چيو ته سنڌ ۾ زوري مذهب مٽائڻ ۽ شاديون ڪرڻواري معاملي تي ڪاميٽي ٺاهي ويندي. ڪاميٽين ۾ اقليت سان واسطو رکندڙ ساٿين کي شامل ڪيو ويندو، جيئن هو صحيح حقيقت ٻڌائي سگهن. هن چيو ته اسان سانا کي هڪ بلين تنظيم ٺاهڻ چاهيون ٿا. رڳو مظاهرا ڪرڻ ۽ نعرا هڻڻ نه ٿا چاهيون ۽ نه وري صرف سماجي تنظيم بڻجي فنڪشن ڪرڻ ۽ صرف راڳ رنگ جا پروگرام ڪريون. اسان ڪميونٽي آرگنائيزيشن آهيون، ڪميونٽي جا سمورا مسئلا کڻنداسين. ان ۾ پوليٽيڪل ايڊووڪيسي ڪرڻ به شامل آهي، سنڌين جي سمورن حقن لاءِ جدوجهد ڪندا رهنداسين.
نيويارڪ: سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا (سانا) جي اليڪشن ۾ آن لائين ووٽنگ جو سلسلو جاري آهي. هن وقت تائين 18 سيڪڙو ووٽ ڪاسٽ ٿي چڪا آهن. ٽوٽل 2100 ووٽن مان اٽڪل 1200 ووٽ ڪاسٽ ٿيا آهن. 15 ڊسمبر تائين ووٽ ڏئي سگهجي ٿو. اندازو آهي ته 90 سيڪڙو کان وڌيڪ ووٽ، استعمال ٿي سگهندا. ڏسڻ ۾ اهو اچي رهيو آهي ته ٻنهي پئنلن جي وچ ۾ سخت مقابلو آهي، جڏهن ته انفرادي طور اميدوار جي پنهنجي مقبوليت ۽ اهميت سبب مڪس رزلٽ اچي سگهي ٿو.
نيويارڪ: سانا جي چونڊن ۾ غلام محي الدين ميمڻ مورائي پئنل پاران پنهنجو پروگرام پڌرو ڪيو ويو آهي. جنرل سيڪريٽري لاءِ مورائي گروپ جي اميدوار ارم قلباڻي ٻڌايو آهي ته چونڊن ۾ ڪاميابي بعد پروگرام کي عملي جامو پهرايو ويندو. پروگرام موجب سانا ويب سائيٽ کي جديدانداز ۾ اپڊيٽ ڪيو ويندو. نوڪرين جي ڄاڻ، ڪاروبار جي خريد فروخت سميت نوجوانن جي صلاحيتن کي فروغ ڏيڻ لاءِ ڪم ڪيو ويندو. سانا ڪنوينشن ڪاميٽي جو بنياد وجھڻ سميت ڊزاسٽر رليف ڪميٽي جو قيام عمل ۾ آندو ويندو. سنڌي ڪرافٽس ۽ ڪاروبار جي فروغ لاء سنڌ ايڪسپو پروگرام جو بنياد وڌو ويندو. نون ايندڙ سنڌين جي رھنمائي لاء ڪميٽي قائم ڪئي ويندي. عورتن جي حقن لاء جدوجھد ڪئي ويندي. سانا جي هيڊ آفيس جو قيام ۽ سانا هيلپ لائن جو قيام به پروگرام ۾ شامل آهي. سانا ويب سائيٽ جي اپگريڊيشن ڪئي ويندي. جنهن ۾ سنڌ جي ثقافت ۽ ادب سان لاڳاپيل مواد، سانا جي سرگرمين سان گڏ انساني حقن لاءِ سانا جي پرامن جدوجھد ۽ اچيومينٽس کي شامل ڪيو ويندو. ويب سائيٽ تي امريڪا ۽ ٻاھر رھندڙ جاب سيڪر (ڊاڪٽر، انجنيئر، بينڪر، موبائيل فونز، گئس اسٽيشن ڪيشئر) سنڌي نوجوانن جي آساني جي لاءِ ڪيرئر پيج جو وڌارو ڪيو ويندو.
نيويارڪ: سانا جي چونڊن ۾ اهم عهدي جنرل سيڪريٽري لاءِ مورائي گروپ مان اميدوار ارم قلباڻي پيشي جي لحاظ کان ڊاڪٽر آهي ۽ فيملي فزيشن آهي، هن وقت سندس رهائش ڪئناڊا ۾ آهي. هن وقت سانا جي نائب صدر آهي. جڏهن ته ان کانسواءِ هو ڪئناڊا ۾ ڪيترن ئي تنظيمن ۾ ڪم ڪرڻ جو تجربو رکي ٿي. سندس خاندان جا ماڻهو تمام گهڻي عرصي کان سانا سان لاڳاپيل آهن.