سمير ساگر قريشي
ھن سال مون سون جي برساتن جي نتيجي ۾ آيل ٻوڏ جو گندو پاڻي عوام جي صحت لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيڻ سان گڏوگڏ ڊينگي وائرس جي اضافي جو سبب پڻ ٿيو آھي. سنڌ صحت کاتي مطابق سال 2022 ۾ ھينئر تائين ڊينگي بخار جي 9500 کان وڌيڪ ڪيسن جي تصديق ٿي چڪو آھي. ان مان 6000 کان وڌيڪ تصديق ٿيل ڪيس ڪراچي ۾ رپورٽ ٿيا. صحت جي ماهرن جو چوڻ آهي ته شهر جي اسپتالن تي مسلسل دٻاءُ آهي ڇو ته ڊينگي بخار جي ڪيسن جي تعداد ۾ ڪا به گهٽتائي ناهي آئي. ڪيسن ۾ واڌ آگسٽ جي مھيني کان شروع ٿي ۽ ھينئر تائين کا به گھٽتائي نظر نه پئي اچي. پاڪستان ۾ گذريل ڪجهه سالن ۾ ڊينگي جي مرض ۾ اضافو ٿيو آهي. گڏيل قومن جي آفيس فار دي ڪوآرڊينيشن آف هيومنٽيرين افيئرز (UN OCHA) موجب پاڪستان ۾ مون سون جي ٻوڏ سبب 2 لک کان وڌيڪ گهر تباهه ۽ برباد ٿيا آهن. تقريبن 7.9 ملين ماڻهو برساتن ۽ ٻوڏ جي نتيجي ۾ بي گهر ٿيا، اٽڪل 13000 ماڻهو زخمي ٿيا، جڏهن ته 1600 ماڻهو فوت پڻ ٿيا آھن. گڏيل قومن جي فوڊ اينڊ ايگريڪلچر آرگنائيزيشن موجب ٻوڏ سبب 37 سيڪڙو فصل متاثر ٿيو ۽ هڪ وڏو علائقو اڃا تائين ٻه فوٽ پاڻي هيٺ آيل آهي. بهرحال، تاريخي ٻوڏ سبب متاثر مختلف بيمارين پڻ وڪوڙيل آھن. پر ڊينگي ان سڀني بيمارين کان وڌيڪ خطرناڪ ۽ موت جو سبب بڻجندڙ وبا آهي. ڊبليو ايڇ او جي رپورٽ موجب 1 جون کان 27 سيپٽمبر تائين ملڪ ۾ ڊينگي جا 25 هزار 932 ڪيس رپورٽ ٿيا، جن مان 75 سيڪڙو ڪيس سيپٽمبر ۾ ٿيا. ڊينگي جي تيزيءَ سان پکڙجڻ جا سبب علائقن ۾ برسات جي گندي پاڻي جو بيھڻ، پيئڻ جي پاڻيءَ ۾ آلودگي، ناڪافي صفائي، گھٽين ۾ ڪچرو ڦٽو ڪرڻ سر فهرست آھن. ڊينگي بخار ڪيترن ئي قيمتي زندگين کي موت تي ور چاڙهي ڇڏيو. سرڪاري اسپتالن ۾ بسترن ۽ دوائن جي کوٽ سبب ڪيترائي مريض زندگيءَ کان ھٿ ڌوئي ويٺا، پر حڪومت جو خاص ردعمل ظاهر نه ٿيو. حڪومت کي گھرجي ته ٻوڏ جي گندي پاڻيءَ جي نيڪالي کي يقيني بڻائي، ڊينگي آگاهي مهم شروع ڪري وڌيڪ خطري وارن ضلعن ۾ ڊينگي رسپانس سينٽر ۽ ھيلپ لائن قائم ڪري، سرڪاري اسپتالن ۾ بسترن ۽ دوائن جي قلت کي پورو ڪري، متاثر علائقن ۾ اسپري ڪارائي ته جيئن قيمتي جانيون بچي سگھن.
