عمران خان جو هيلي ڪاپٽر پريڊ گرائونڊ ۾ ئي لينڊ ڪندو: اسد عمر جو انتظاميه کي چئلينج

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف 26 هين نومبر تي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جو هيلي ڪاپٽر پريڊ گرائونڊ لاهڻ تي ضد ڪيو بيٺي آهي. اسلام آباد انتظاميا عمران خان جي هيلي ڪاپٽر جي پريڊ گرائونڊ مين لينڊنگ جي اجازت ڏيڻ کان مسلسل انڪار ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پريڊ گرائونڊ سيل آهي، اجازت ملي ته انتظاميا کي ڊي سيل ڪرڻو پوندو، جڏهن ته پي ٽي آءِ وٽ باراني زرعي يونيورسٽي، هاڪي گرائونڊ ۽ مسلم ڪاليج اسڪور سميت ڪيئي هنڌ آهن پر پي ٽي آءِ هيلي ڪاپٽر پريڊ گرائونڊ تي لاهڻ چاهي ٿي. پي ٽي آءِ هنيئر تائين عمران خان جو صحيح ٿيل حلفي بيان جمع ناهي ڪرايو. ٻئي پاسي پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد عمر چيو آهي ته عمران خان جو جهاز پريڊ گرائونڊ ۾ لينڊ ڪندو. پنهنجي هڪ بيان ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته عمران خان جو هيلي ڪاپٽر پريڊ گرائونڊ ۾ ئي لينڊ ڪندو. هن چيوته جي ايڇ ڪيو کي ڪو اعتراض ناهي ۽ اسلام آباد انتظاميا چئي رهي آهي ته اجازت نه ڏينداسين. سندس چوڻ هو ته سڄو ڊرامو ڄاڻي واڻي ڪيو ويو پيو وڃي، ڊي جي اسلام آباد ڄاڻي واڻي عمران خان جي حياتي خطري ۾ وجهي رهيو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں