قمبر (رپورٽ:الله بخش ڪلوڙ) قمبر لڳ ڳوٺ عيسيٰ ڪلهوڙو ۾ زمين جي مالڪي تان ميمڻ ۽ ڪلهوڙا برداري جي ٻن ڌرين وچ جهيڙو، هٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ ڳوٺ ڇڄڙا جي رهواسي ميمڻ برداري جا ٻه سڳا ڀائر نوجوان عزيز ميمڻ ۽ طفيل ميمڻ ٿڏي تي قتل ويا جڏهن ته هڪ ڄڻو شعيب ميمڻ سخت زخمي ٿي پيو، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتولن جا مڙهه ۽ زخمي کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو ٻئي طرف مقتولن جا مڙهه سندن وارثن ۽ ميمڻ برداري جي ماڻهن کڻائي لاڙڪاڻو روڊ تي رکي ڌرڻو هنيو جنهن سبب ڪيترائي ڪلاڪ ٽريفڪ معطل ٿي وئي ڌرڻي ۾ قمبر پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي مقتولن جي وارثن غلام شبير ميمڻ،زبير ميمڻ، ذوالفقار ميمڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ڪالھ ڪلهوڙو برداري جي ماڻهن سان اسان جو جهيڙو ٿي پيو هو جنهن جو ڪيس سٽي ٿاڻي تي اسان داخل ڪرايو ۽ پوليس ٻن جوابدارن کي گرفتار به ڪيو هو ليڪن سٽي ٿاڻي جي ايس ايڇ او ۽ وڏي منشي ڳري رشوت وٺي جوابدارن کي رات دير سان آزاد ڪري ڇڏيو جن صبح سان ئي زمين تي ويندڙ عزيز ميمڻ طفيل ۽ شعيب مٿان فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ عزيز ۽ طفيل تڏي تي مارجي ويا ۽ شعيب زخمي ٿي پيو آهي ڌرڻي ختم ڪرائڻ لاءِ ڊي ايس پي قمبر منظور جوکيو ڌرڻي واري هنڌ پهتو ۽ ڌرڻي وارن سان ڳالهيون ڪيو جن ڊي ايس پي کان مطالبو ڪيو ته مقتول جي ايف آئي آر ۾ ايس ايڇ او قمبر سٽي طفيل احمد احمداڻي ۽ وڏي منشي جا نالا لازمي شامل ڪيا وڃن ٻئي صورت ۾ هو ڌرڻو ختم نه ڪندا ڊي ايس پي قمبر منظور جوکيو ڌرڻي وارن کي انصاف جي خاطري ڪرائيندي ڌرڻو ختم ڪرائي ڇڏيو.
