لاڙڪاڻي ۾ پ پ (ش ڀ) جو، عنايت عمراڻي جي گرفتاريءَ خلاف ڌرڻو

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو فاطمه ڀٽو فالورس پاران پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ عنايت علي عمراڻي مٿان ڪيس داخل گرفتاري ۽ سندس ڀائيٽي جو قتل ڪيس داخل نه ٿيڻ خلاف 8 هين ڏينهن ڪينيڊي مارڪيٽ کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جيڪا شهر جي مختلف روڊن رستن کان ٿيندي جناع باغ چوڪ وٽ پهتي جتي هنن ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن برڪت علي ميراڻي، جاويد لاهوري، شهباز ڀٽو، احسان مري، ولي محمد لاهوري، صدام جيسر، سرفراز کوکر، عاقب ڪاٺيو، لالو سرهيو، جاويد چانڊيو، مسلم سهڙو، عامر ڀٽو، امجد تونيو ۽ ٻين چيو ته زرداري حڪومت جو دور ڄرٻٽ جي دور کي به مات ڏئي ويو آهي علاج نه ڪرڻ جي ڪري نياڻي به اسان جي فوت ٿي وئي ۽ دهشگردي جون ايف آءِ آرون به اسان مٿان ڪاٽيون ويون جيڪو عمل انتهائي ظلم تي ٻڌل آهي جنهن جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. هنن چيو ته افسوس جهڙي ڳالهه آهي ته سياسي بااثرن جي حڪم تي سڄي سنڌ سميت خصوصي طور لاڙڪاڻو جي اسپتالن ۾ اربين رپين جي ڪرپشن ٿئي ٿي صحت کاتي جي بجيٽ جا اربين روپيا زرداري هائوس تي پهچايا پيا وڃن جنهن ڪري لاڙڪاڻي جي اسپتالن ۽ ايمرجنسي جي وارڊ ۾ ماڻهو تڙپي تڙپي فوت ٿي وڃن ٿا جنهن جو تازو مثال عنايت علي عمراڻي جي ڀائيٽي آهي جنهن کي ڪجهه ڏينهن اڳ لاڙڪاڻو ايمرجنسي وارڊ ۾ نانگ جي ڏنگ سبب داخل ڪرايو ويو جنهن جو علاج نه ڪرڻ سبب هو فوت ٿي وئي. هنن اعليٰ عدليا کي اپيل ڪئي ته عنايت علي عمراڻي مٿان داخل ڪوڙا ڪيس ختم ڪري کيس آزاد ڪيو وڃي ۽ سندس ڀائيٽي جي قتل جو ڪيس ڊيوٽي ڊاڪٽرن مٿان داخل ڪرايو وڃي.  

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں