موٽر وي اسڪينڊل ۾ نيب ۽ ايف آءِ اي به سرگرم، سنڌ بئنڪ نوشهرو فيروز تي ڇاپو

نوشهرو فيروز(ڊ ر) نيب سکر جي ٽيم نوشهرو فيروز ۾ سنڌ بئنڪ جي برانچ تي ڇاپو هڻي موٽر وي 6 جي ادائيگين جو رڪارڊ تحويل ۾ وٺي هن مالي اسڪينڊل جي تحقيقات جو دائرو وسيع ڪري ڇڏيو آھي. ايم 6 پراجيڪٽ ۾ هن مهل تائين پوڻا 2 ارب روپيا ڪرپشن ظاهر ٿي آھي ۽ هن اسڪينڊل جي سامهون اچڻ بعد ايف آءِ اي پڻ سرگرم ٿي ويئي آھي گرفتارين جي ڊپ کان نوشهرو فيروز جا ڪافي ماڻهو روپوش ٿي ويا آھن. تحقيقات ته ايم 6 جي پئي هلي پر ڊي سي نوشهرو فيروز تاشفين عالم جي پرڏيهه فرار ٿيڻ کانپوءِ برسات دوران متاثرين جي ڪئمپن ۾ پاڻي ۽ ماني پهچائيندڙ، ٺيڪا کڻندڙ پڻ روپوش ٿي ويا آھن. سنڌ حڪومت جي 3 رڪني ڪاميٽي جي تحقيقات کانپوءِ نيب ۽ ايف آءِ اي جي سرگرم ٿيڻ تي نوشهرو فيروز ۾ ٿرٿلو متل آھي. سنڌ بئنڪ تي نيب جي ڇاپي کانپوءِ جڏهن بئنڪ ذريعن کان معلوم ڪيو ويو ته انهن ٻڌايو ته جيڪي گهربل ڪاغذ گهريا آھن اهي کين فراهم ڪيا ويا آھن، جڏهن ته ٻڌايو پيو وڃي ته سنڌ بئنڪ ۾ ڊي سي نوشهرو فيروز جي اڪائونٽ جو رڪارڊ جيڪو هٿ ڪيو ويو آھي صرف ان ۾ پوڻن ٻن ارب کي ٻهاريو ويو آھي. هوڏانهن ڊي جي ايف آءِ اي جي ھدايتن بعد جاچ لاءِ جيڪي ٽيمون جوڙيون ويون آھن انهن جي سرگرم ۽ خوف سبب نوشهرو فيروز ضلعي ۾ اڌو اڌ آفيسون ويران آھن ۽ هر طرف خوف جا لامارا آھن. واضح رهي ته نوشهرو فيروز جي ڊي سي تاشفين عالم ملڪ مان فرار ٿيڻ کانپوءِ ڪرپشن اسڪينڊل جي جاچ جو دائرو سکر ۽ خيرپور ضلعن تائين به وڌايو ويو آھي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں