مٽياري ۾ ڳوٺاڻي جو ڀاتين سميت ڀائرن ۽ ڀائيٽن خلاف احتجاج

مٽياري(ڊ ر) مٽياري ويجهو ڳوٺ حاجي قادر بخش کوسو جي رهواسي محمد حسن کوسو. ميانداد کوسو مسمات لال پري. گل زادي. عابد حسن کوسو ۽ ٻيئن مٽياري پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو انهن چيو ته منھجا ڀائر ۽ ڀائٽيا غلامحسن. غلام نبي غلام مصطفي، خدابخش، شبير کوسو ۽ ٻيا روز منھجي گهر ۾ اچي منهنجي ٻچن ته تشدد ڪن ٿا منھجي گهر جي لوڙھي کي باھ ڏئي ساڙي ڇڏيو آهي ۽ گهر ۾ پيل سامان جي ڀڄ ڊاهه ڪري ويا آهن مونکي مار ڪٽ ڪن ٿا جڏهن ته مٽياري پوليس وٽ مون (اين سي) به داخل ڪرائي آهي. پوليس جوابدار گرفتار ڪري ڇڏي ڏنا. منهنجا ڀائر ڀائٽيا چون ٿا ته گهر جو پلاٽ اسان جي نالي ڪري  اسان کي ڏئي. جڏهن ته پلاٽ ته اسان ابن ڏاڏن کان پلاٽ تي ويٺل آھيون.آئون پنھجا ٻچا وٺي ڪٿي دربدر ٿيندس آئون سيشن جج مٽياري. ڊي آئي جي حيدرآباد. ايس ايس پي مٽياري. ۽ وس وارن کان مطالبو ٿو ڪيا ته مونکان ۽ منھجي ٻچن سان انصاف ڪيو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں