فقير محب منڱريو
عمرڪوٽ ضلعو هونئن ته ٿر ۽ ناري پٽ جو اھڙو خوبصورت سنگم آھي جنھن جو ھڪڙو پير وارياسي ۽ ٻيو ناري پٽ ۾ آھي ان ڪري کيس ٿر جو گيٽ وي به سڏيو وڃي ٿو. پر عمرڪوٽ جي ٻي سڃاڻپ ھتان جون شخصيتون به آھن. جن ۾ خاص ڪري سياست جي حوالي سان کاٻي ڌر جي سياستدان عبدالواحد آريسر کان ويندي پارليامينٽرين سياستدان، سيد مظفر حسين شاه، فقير حاجي جادم منڱريو،راڻا چندر سنگه، نواب يوسف ٽالپر،علي مردان شاهه کٽو مل جيوڻ کان ويندي موجوده وزير ثقافت و تعليم سردار شاھ تائين يا ادب جي دنيا ۾ ماما جمن دربدر کان حليم باغي يا سنڌ جو ڪلاسيڪل راڳي شفيع فقير سميت ٻيا بہ انيڪ حوالا آھن. انھن نالن جي اھڙي سنگم ۾ فقير محمد جادم منڱريو الڳ ٿلڳ ۽ منفرد سياسي ٿاٽ سببان منفرد شخصيت جو مالڪ ھو. سندس ھڏڏوکي ھيٺئين طبقي جي ماڻھن سان ايڏي ته رھي جو ھاڻ سندس چاھيندڙ ڄڻ ڀريل ميلي ۾ به اڪيلا ھجن فقير جادم غريبي کان ويندي بادشاهي واري سفر تائين سموري سفر ۾ هڪ جهڙو ئي شفيق و نفيس انسان رهيو.سندن در کان ڪڏھن به ڪو انسان مايوس ٿي نه موٽيو، فقير جادم منڱريو جادوگر جي نالي سان پڻ سڃاتو ويندو هو منجھس ايتري ته جادوئي ڪلا هئي جو وڏا وڏا ليڊر سندس جادوئي زبان جي سحر ۾ مبتلا ٿي سندن مداح بڻجي ويندا هئا.اھڙو ئي ھڪ قصو ڳڻائجي ته هڪڙي ڀيري ان وقت جي صدر جنرل پرويز مشرف جي ڪا دعوت هئي، سڀئي مهمان اچي ويا ايسين تائين جو پير سائين پاڳارو به اچي ويو، سائين مشرف کي چيو ته اڃان گيٽ تي ڪنهن جو ٿا انتظار ڪيو هاڻ هلون اندر سب مهمان اچي ويا آھن، ته پرويز مشرف جواب ڏنو ته قبلا سائين! منهنجو هڪ خاص مهمان دوست اڃا نه پهتو آھي، جنھن تي پير سائين پڇيو ته اڃا ڪهڙو مهمان خاص رهيل آھي؟ جنھن تي تڏھوڪي صدر پرويز مشرف وراڻيو ته قبلا اوهانجو فقير آھھي جادم منڱريو ان جو انتظار آهي.جڏھن فقير جادم آيو ته پير سائين فقير کي مسڪرائي پڇا ڪئي ته جادم فقير مشرف ته اوهان جو مداح ٿي پيو آھي ته فقير صاحب جواب ڏنو قبلا سائين ٻيو ڪجه ناھي اوهانجو دعائون آھن. فقير جادم منڱريو جي اک ايتري ته پرک ڪندڙ هئي جو هڪ دفعي ماڻھو ملاقات ڪري ٻيھر لکن جي مجموعي ۾ به ملي ته کيس نالي ذات سان سڏ ڪري حال احوال وٺندو هو. پاڳارا خاندان جو عاشق هو هميشھ پيرسائين ۽ حر جماعت جي ڳاله فقير جي زبان تي هوندي هئي. هو بي پھچ ماڻھن کان وٺي اسان سياسي ورڪرن ڪارڪنن لاء ڇپر ڇانء هو، پهرين بيل تي فون اٽينڊ ڪري ڪم ڪار جو پڇڻ کان وٺي بالا آفسيرن سان لائين تي رکي منٽن ۾ ڪم ڪار ۽ مسئلا حل ڪرائڻ سندن کاٻي هٿ جو کيل هوندو ھيو پاڻ هڪ دفعو ايم اين اي، مملڪتي وزير ۽ صوبائي صلاحڪار پڻ رهيو، ۽ هزارين نوجوانن کي سرڪاري توڙي غيرسرڪاري ادارن ۾ روزگار تي لڳرايو، ۽ پنهنجي علائقي سميت سنڌ جي ماڻھو جي آخري دم تائين خدمت ڪيائون، ھن فلاحي ادارا جوڙي خدمتون ڪيون. ڍورونارو ويجهو ننڍڙي ڳوٺ کان سياسي سفر شروع ڪندڙ فقير جادم منڱريو ٿوري ئي عرصي ۾ سنڌ جي سياست تي پنهنجا اڻ مٽ نقش اڀاري ويو آھي. جنھن کي وسارڻ لاء ورهين لڳي ويندا سندن زندگي تي لکڻ جي لاء لائبريريون جوڙجن، اديب مسلسل لکن تڏھن به يقينن گھٽ ھوندو. سندن خدمتون وڌيڪ آھن، اڄ سندنٻي ورسي آھي. مالڪ سائين کان دعا آھي رب پاڪ پنهنجي حبيب صـہ جي صدقي مرحوم فقير جادم منڱريو کي جنت الفردوس ۾ اعلي مقام عطا فرمائي ۽ سندن جانشين ڀائرن، توڙي اولاد، ۽ اسان سياسي ورڪرن کي فقير جادم منڱريو جو ڇڏيل مشن تي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي آمين.
آتڻ اورانگھي ويا آئون ٿي مران،ماء!
پٿون ٿينديس پير تي ھيء!ھيء! ڪري ھاء!
جيئڻ مون نه جڳاء، پرين تان پاسو ڪيو!
